Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

550 قبر وارن تان عذاب کڻي ورتو.[1]

بَسُوئے کُوئے مدینہ بڑھو درود پڑھو!                                             جو تم کو چاہئے جنّت پڑھو درود پڑھو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان دُرودِ پاڪ جي برڪت اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جو پيارو الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت فرمائيندو آهي، ان ڪري ان دُرودِ پاڪ ۾ اهڙيون برڪتون رکيون آهن ته جيئن ٻانها دُرودِ پاڪ پڙهندا رهن. محبوبِ ربّ، سلطانِ عرب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪر ٿيندو رهي ۽ ٻانهن جي بخشش جو سامان به ٿيندو رهي. ڪاش! اسان به ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻايون. شعبانُ المُعظم ۾ ته خاص ڪثرت سان دُرود پڙهڻ گهرجي ڇوته شعبانُ المُعظم آهي ئي دُرودِ پاڪ جو مهينو. شيخ شهابُ الدّين حجازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: بيشڪ شعبانُ المُعظم دُرودِ پاڪ پڙهڻ جو مهينو آهي جو آيتِ دُرود يعني سيپارو: 22 سورة احزاب جي مشهور آيتِ ڪريمه

اِنَّ اللّٰہَ وَ مَلٰٓئِکَتَہٗ  یُصَلُّوۡنَ عَلَی النَّبِیِّ ؕ           یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا صَلُّوۡا عَلَیۡہِ  وَ سَلِّمُوۡا  تَسۡلِیۡمًا (۵۶)

(سيپارو: 22 سورة احزاب: آيت: 56)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ نبي تي دُرود موڪلن ٿا. اي ايمان وارؤ! ان تي دُرود ۽ خوب سلام موڪليو.

   هي آيت شعبانُ المُعظم ۾ ئي نازل ٿي.[2]

تیری اِک اِک ادا پر اے پیارے!                                                                سَو درودیں فدا، ہزار سلام

وہ سلامت رہا قیامت میں                                                                                                   پڑھ لئے جس نے دِل سے چار سلام[3]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] التذکرۃ ،جز:1 ،صفحہ:68ملتقطًا۔

[2] مَوَاہِبُ اللَّدُنِیہ ،جلد : 2،صفحہ:506 ۔

[3] ذوقِ نعت، صفحہ:170و171۔