Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

ايندو پوءِ ملائڪَ ان کي هڪ آسمان کان ٻئي آسمان تي کڻي ويندا آهن ۽ ان جي روح تي دُرود موڪليندا آهن پوءِ قيامت تائين ان جي لاءِ استغفار ڪندا آهن ۽  جيڪو به مومن ڪتابُ الله سکندو آهي ۽ پوءِ رات جي ڪنهن پهر ۾ نماز پڙهندو آهي ته اها رات ايندڙ رات کي وصيت ڪندي آهي ته هن مومن کي مقرر وقت تي جاڳائي ڇڏجانءِ ۽ هن جي لاءِ آسان ٿي وڃجانءِ، جڏهن اهو فوت ٿي ويندو آهي ته ان جا گهر وارا ان جي ڪفن جي تياري ۾ مشغول هوندا آهن جڏهن ته قرآنِ ڪريم نهايت حسين صورت ۾ ان جي سرهاڻي وٽ اچي ڪري بيهي رهندو آهي پوءِ ڪفن جي هيٺان ۽ سيني جي مٿان اچي ويندو آهي ۽ جڏهن ان کي قبر ۾ رکي ڪري ان تي مٽي برابر ڪئي ويندي ۽ دوست احباب واپس موٽي ويندا آهن ته نَڪِيرين اچي ڪري ان کي قبر ۾ ويهاري ڇڏيندا آهن ايتري ۾ قرآنِ ڪريم مومن ۽ ملائڪن جي وچ ۾ آڙ ٿي ويندو آهي، ملائڪَ چوندا آهن: هڪ پاسي ٿي وڃ ته جيئن اسان هن کان سوال ڪيون. اهو چوندو آهي: ربِّ ڪعبه جو قسم! ائين هرگز نه ٿيندو ڇوته هي منهنجو ساٿي ۽ منهنجو دوست آهي مان هن کي ڪنهن به حالت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندس باقي جيڪڏهن توهان کي ڪنهن ڳالھ جو حڪم آهي ته ان تي عمل ڪيو ۽ مونکي منهنجي جڳھ تي رهڻ ڏيو ڇوته مان هن کي جنّت ۾ پهچائڻ کان پهريان هن کان جُدا نه ٿيندس. پوءِ قرآنِ ڪريم پنهنجي دوست جي طرف ڏسي ڪري چوندو آهي: مان اهو ئي قرآن آهيان جنهن کي تون ڪڏهن بلند آواز سان ۽ ڪڏهن آهسته پڙهندو هئين ۽ مون سان محبت رکندو هئين، بس مون کي تو سان محبت آهي ۽ جنهن سان مان محبت ڪندو آهيان الله پاڪ به ان کي محبوب بڻائي وٺندو آهي، نڪيرين جي سوالن کان بعد توتي نه ڪو خوف آهي نه ڪو غم. نڪيرين سوالن کان بعد تشريف وٺي ويندا آهن، هاڻي مومن هوندو آهي ۽ قرآنِ ڪريم، قرآنِ مجيد فرمائيندو آهي: مان تنهنجي لاءِ نرم آرام وارو بسترو وڇائيندس ۽ حسين ۽ جميل چادر عطا ڪندس ڇوته تون سڄي رات منهنجي لاءِ جاڳندو ۽