Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

رغبتي جو سبب ۽ آخرت جي ياد ڏيارينديون آهن.[1] (2): جيڪو پنهنجي والدين ٻنهي يا هڪ جي قبر جي هر جمعي جي ڏينهن زيارت ڪندو، ان جي مغفرت ٿي ويندي ۽ نيڪوڪارن ۾ لکيو ويندو.[2]

اي عاشقانِ رسول! * قُبورِ مُسلمين (يعني مسلمانن جي قبرن) جي زيارت سنّت ۽ ولين سڳورن جي قبرن ۽ شهيدن جي قبرن جي حاضري سعادت مٿان سعادت ۽ انهن کي ايثالِ ثواب ڪرڻ مَنۡدوب (يعني پسنديده) ۽ ثواب جو ڪم آهي * مزار شريف يا قبر جي زيارت جي لاءِ ويندي رستي ۾ فضول ڳالهيون نه ڪيو * قبر کي تعظيمي سجدو ڪرڻ حرام آهي ۽ عبادت جي نيّت هجي ته ڪُفۡر آهي * قبرستان ۾ ان عام رستي کان وڃو، جتي ماضيءَ ۾ ڪڏهن به مسلمانن جون قبرون نه هيون، جيڪو رستو نئون ٺهيل هجي ان تي نه هلو. فتاوٰي شامي ۾ آهي: (قبرستان ۾ قبرون ڊاهي ڪري) جيڪو نئون رستو ڪڍيو ويو ان تي هلڻ حرام آهي * بلڪ نئين رستي جو صرف گمان (يعني شڪ) هجي تڏهن به ان تي هلڻ ناجائز و گناھ آهي * ڪيئي ولين جي مزارن تي ڏٺو ويو آهي ته زائرين جي سهولت جي خاطر مسلمانن جون قبرون مِسۡمار (يعني ڀَڃي) ڪري فرش ٺاهيو ويندو آهي، اهڙي فرش تي سمهڻ، هلڻ، بيهڻ، تلاوت ۽ ذڪر و اذڪار جي لاءِ ويهڻ وغيره حرام آهي، جتي اهڙي صورتحال هجي اتي پري کان ئي فاتحه پڙهي وٺو * قبر جي مٿان اگربَتي نه ٻاري وڃي جو ان ۾ بي ادبي ۽ بدفالي آهي، ها جيڪڏهن(حاضرين کي) خوشبو (پهچائڻ) جي لاءِ (لڳائڻ چاهيو ته) قَبۡر جي ويجهو خالي جڳھ هجي ته اُتي لڳايو جو خوشبو پهچائڻ محبوب (يعني پسنديده) آهي * قبرن جي زيارت جي لاءِ هي 4 ڏينهن بهتر آهن: سومر، خميس، جمعو، ڇنڇر. جمعي جي ڏينهن بعد نمازِ فجر زيارتِ قبورِ افضل آهي.[3]


 

 



[1] ابن ماجہ، کتاب الجنائز، باب ماجاء فی زیارۃ القبور، صفحہ:252، حدیث:1571۔

[2] شُعَبُ الایمان، جلد:6، صفحہ:201، حدیث:7901۔

[3] 550سنتیں اور آداب، صفحہ:87تا90ملتقطاً۔