Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

کي تلخ بڻائيندي آهي، جيڪڏهن اسان مثبت سوچون، ماضي تي روئڻ بجائي، ماضي کان سکڻ شروع ڪيون ته اسان جو اهو ئي تلخ ماضي حسين ۽ خوبصورت ٿي ويندو.

هڪ هزار غلط دروازا بند ٿي ويا

 هڪ سائنسدان جنهن بجلي جو بلب ايجاد ڪيو هو، هي هڪ ڀيرو ڪنهن پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو، ان پروجيڪٽ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ ڪيئي تجربا ڪيا پر هر ڀيري ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو. هي باربار ڪوشش ڪري رهيو هو، هر ڀيري ناڪامي ئي ٿي رهي هئي، ان جي باوجود هي مايوس نه ٿيو پر سندس شاگرد ناڪامين تي مايوس ٿي رهيا هئا، آخر جڏهن هڪ هزار تجربا ناڪام ٿي ويا ته سندس شاگرد مايوس ٿي چيو: اوهان هزار ڀيرا تجربا ڪري چڪا آهيو ۽ هر تجربو ناڪام ئي ٿيو آهي، اسان صرف وقت ضايع ڪري رهيا آهيون...!! شاگرد جي اها ڳالھ ٻڌي ڪري سائنسدان حيرت مان چيو: هي توهان ڇا چئي رهيا آهيو؟ توهان جو ڇا مطلب ته ڪو فائدو نه ٿيو؟ اسان پنهنجي هنن تجربن سان هڪ هزار غلط دروازا بند ڪري چڪا آهيون، يعني انهن غلطين جي بدولت هاڻي آئنده جي لاءِ اسان هڪ هزار غلطين کان بچي وينداسين.

اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! ڪهڙي چڱي سوچ آهي...!! جيڪڏهن هي سائنس دان پنهنجي شاگردن جيان غلطين تي مايوس ٿي وڃي ها ته ناڪام ٿي وڃي ها پر ان پنهنجي غلطين کي، ناڪامين کي چڱي نگاھ سان ڏٺو ۽ پنهنجي انهيءَ چڱي ۽ مثبت سوچ جي ڪري ڪامياب ٿي ويو.