Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

ٿي وڃي ها بلڪه هيئن چئو: قَدَّرَ اللہُ وَمَا شَآءَ فَعَل الله پاڪ مقدَّر ڪيو ۽ جيڪو چاهيو، اهو ئي ڪيو. وڌيڪ فرمايائون: فَاِنَّ لَو تَفْتَحُ عَمَلَ الشَّیْطَانِ بيشڪ اگر مگر شيطان جو ڪم کولي  ڇڏيندو آهي.[1]

الحاج مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني ان اگر مگر سان انسان جو الله پاڪ تي ڀروسو ناهي رهندو، پاڻ تي يا اسباب تي ڀروسو ٿي ويندو آهي(پوءِ جڏهن الله پاڪ تي ڀروسو ناهي رهندو ته شيطان انسان کي جکڙي وٺندو آهي). خيال رهي! هتي دنيا جي اگر مگر جو ذڪر آهي، ديني ڪمن ۾ اگر مگر ۽ افسوس ۽ ندامت چڱي شيءِ آهي، مثلاً اگر مان ايتري زندگي نيڪين ۾ گذاريان ها ته متقي ٿي وڃان ها پر افسوس مون گناهن ۾ زندگي گذاري ڇڏي. اهڙو افسوس! بهترين عبادت آهي.[2]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي اسلام جي پياري پياري تعليم! پنهنجي زندگي متعلق اگر مگر، ماضي جي واقعن تي هروڀرو ڪڙهندو رهڻ، ڪاش ڪاش ڪندو رهڻ، هي سڀئي ڪم ڇڏي ڏيو! چڱي ۽ مثبت سوچ اپنايو‘ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ماضي جون تلخيون ڏُک نه پڄائينديون بلڪه ڪيئي صورتن ۾ ثواب جو ذريعو به بڻجي وينديون.

ماضي کان ڪجھ سکو!

اسان وٽ عام طور تي ماڻهو پنهنجي ماضي تي روئندا آهن، افسوس! مون سان هيئن ٿي ويو، هائي! مون کان وڏي غلطي ٿي وئي، افسوس! منهنجي ته قسمت ئي اهڙي آهي وغيره. اسان جي اها عادت اسان جي ماضي


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:113 خلاصۃً۔

[2]  مسلم، كتاب القدر، باب الامر بالقوۃ وترک العجز...الخ، صفحہ:1027، حدیث:2664۔