Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

زبان مان چڱا لفظ ئي ڪڍو

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ عام طور ماڻهو مايوس ڪندڙ، منفي ڳالهيون ڪندا آهن، يا ته پاڻ مايوس ٿيندا آهن يا منفي ڳالهين جي ذريعي ٻين کي مايوس ڪري رهيا هوندا آهن، مثلاً  *  توکي ڪڏهن عقل نه ايندو  *  تون هميشه ناڪام ئي رهندي  *  تون ڪو ڪم ڍنگ سان ڪري ئي نٿو سگهين  *  تنهنجي قسمت ۾ ذلّت ئي لکيل آهي  *  تون سڄي زندگي نالائق ئي رهندين، عام طور تي والدين پنهنجي اولاد کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندا آهن. هي نهايت غلط ڳالھ آهي. الله پاڪ جي رحمت مان چڱي اميد رکو! ڇا بي عقل عقلمند ڪري ڇڏڻ الله پاڪ جي قدرت ۾ ناهي؟ بلڪل آهي. ڇا ڪنهن نالائق کي ڪاميابي ڏئي ڇڏڻ، الله پاڪ جي اختيار ۾ ناهي؟ بلڪل آهي. ڇا اسان کي ڪنهن جي مستقبل جي خبر آهي؟ اڄ جيڪو اسان کي، نالائق، نڀاڳو، گهٽ عقل، گهٽ ذهن نظر اچي رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو سڀاڻي ان جي قسمت چمڪي، الله پاڪ ان کي عقلمند، وڏو عالم فاضل، صاحبِ حڪمت، عبادت گذار، نيڪ پرهيزگار، باڪردار ۽ زماني جو ليڊر بڻائي ڇڏي. اسان کي ڪهڙو حَق پهچي ٿو جو اسان ڪنهن جي مستقبل تي حڪم لڳايون، اسان کي زبان سان چڱي ئي ڳالھ ڪڍڻ گهرجي، ٻين جي باري ۾ چڱو سوچون، چڱو ذهن رکون، پنهنجي اولاد جي باري ۾، ننڍن ڀائرن جي باري ۾، شاگردن جي باري ۾، پنهنجي ماتحتن جي باري الله پاڪ جي رحمت مان چڱي اميد لڳايون، ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جن جي مُتعَلَّق زماني وارا منفي ڳالهيون ڪندا هئا پر الله انهن کي اهڙو بلند مقام عطا فرمايو جو ماڻهو بس ڏسندي ئي رهجي ويا.