Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

مڪمل طور تي الف کان ياء تائين (A to Z) تبديل ڪري ڇڏيو، اهو ڪم ڪهڙو هيو: هڪ سوچ. عابد منفي سوچيو، هڪ ڪلمي پڙهڻ واري جي متعلق دل ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو، ان جي نحوست سبب سندن سڄي زندگي جون نيڪيون ضايع ڪيون ويون ۽ ٻي طرف اهو جيڪو گنهگار هيو، ان سٺو سوچيو، مثبت سوچ اپنائي، پاڻ کي گنهگار، ٻي کي عبادت گذار سمجهيو، چڱي سوچ، چڱو اِرادو کڻي، حُسۡنِ ظنّ ڪري ان عابد وٽ پهتو، ان جي چڱي سوچ جي برڪت سان ان جا سڀئي گناھ مٽايا ويا ۽ ان جي ڪاري اونداهه ماضي کي حسين ۽ خوبصورت بڻايو ويو.

اها آهي مثبت سوچ جي برڪت.....!! اسان ٻڌندا رهندا آهيون ته مثبت سوچ جي ذريعي مستقبل سٺو ٿي ويندو آهي، انسان کي ترقي ۽ ڪاميابي ملي ويندي آهي پر اوهان غور فرمايو! مثبت سوچ ڪيتري سٺي شيءِ آهي جو ان جي برڪت سان مستقبل ته سنورجندو ئي آهي، گڏوگڏ ماضي به حسين ۽ خوبصورت ٿي ويندو آهي.

ماضي جون تلخ يادون

اسان مان شايد هر هڪ وٽ ماضي جون تمام گهڻيون تلخ يادون هونديون، اسان جي زندگي جا ڪيترائي اهڙا واقعا آهن، جن کي ياد ڪندا آهيون ته دل غم سان ڀرجي ويندي آهي، ڪيتريون ئي اهڙيون يادون آهن، جن کي سوچي ڪري اسان پريشان ٿي ويندا آهيون. ڪجھ ته ڊپريشن جو شڪار به ٿي ويندا آهن، ڪجھ جو بلڊ پريشر به وڌي ويندو آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ته اسان جو اِهو تلخ ماضي به اسان جي لاءِ سڪون ۽ اطمينان بلڪه آخرت جي ثواب جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، بس ان جي لاءِ مثبت سوچ اپنائڻي آهي.