Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

خدا ڪري تنهنجون سڀئي هڏيون ٽٽن...!!

     هڪ ماءُ جو درد ڀريو واقعو آهي، سندس هڪ جوان پٽ هيو، جيڪو نهايت نيڪ، والدين سان حسن سلوڪ ڪرڻ وارو هيو، ان تعليم پرائي، پوءِ ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويو، ڪمائي پنهنجي والدين جي خدمت ڪندو هو ۽ پنهنجي والد صاحب جو هٿ ونڊائيندو هو، والدين پٽ سان تمام گهڻو خوش هئا، سندن والد جي هڪ پراڻي عمارت هئي، جنهن کي ڪيرائي ان ٻيهر تعمير ڪرڻ چاهيو ٿي، هڪ ڏينهن اهو ئي نوجوان پٽ اُتي ڪم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ان پراڻي جڳھ پهتو، ڪم جو جائزو وٺي رهيو هو ته اوچتو هڪ ڀت ان نوجوان جي مٿان ڪِري، ان هڪ ئي رڙ ڪئي ۽ بيهوش ٿي ويو، مزدورن جلدي مان ديوار هٽائي، نوجوان کي اسپتال کڻي ويا، گهر به خبر پڄي چڪي هئي، کلندڙ مسڪرائيندڙ ماءَ، پٽ جا ناز کڻڻ واري ماءَ تي ڄڻ ته قيامت ٽٽي پئي، دل ڏڪڻ لڳي، پٽ جو ڏک پنهنجي جاءِ تي....!! ڏکاري والده کي ان وقت پنهنجي ماضي جي هڪ ياد گهڻو ڏکارو ڪري رهي هئي، ڪيئي سال اڳ جي ڳالھ هئي، اهو ئي نوجوان پٽ جڏهن ننڍو هيو، هڪ ڏينهن هي گهر ۾ کيڏي رهيو هيو، کيڏندي کيڏندي ان سان هڪ شيشي جو ڊيڪوريشن پيس ڪِري پيو ۽ ٽٽي ويو، ڊيڪوريشن پيس جي ٽٽڻ جو آواز ٻڌي ڪري ماءَ ڊڪندي آئي، قيمتي ڊيڪوريشن پيس ٽٽل ڏسي ڪري ڪاوڙ مان چيائين: الله ڪري توتي ڪا ڀِت ڪري ۽ تنهنجون سڀئي هڏيون ٽٽن.

افسوس! اَڄ والده جي ڏنل بددعا پُوري ٿي، جوان پٽ تي ڀت ڪِري، ان جون سڀئي هڏيون ٽٽي پيون، والده اسپتال پهتي، پٽ آخري ساھ کڻي رهيو هو ۽ والده سندس سرهاڻي بيهي چئي رهي هئي: منهنجو پٽ گهر جا سڀئي ٿانوَ ڀڃي ڇڏي پر ڪاش! مون کي ڇڏي نه وڃي...!!