Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

حديث شريف ۾ آهي: ڪنهن مسلمان مرد يا عورت کي ڪا مصيبت پهچي ۽ اها گهڻي پراڻي ٿي وئي، (يعني ڪيئي سال گذري ويا)، هاڻي اها مصيبت ٻيهر ياد اچڻ تي اِنَّالِلّٰہ پڙهي ته الله پاڪ ان کي اهو ئي ثواب عطا فرمائيندو جيڪو مصيبت اچڻ وقت مليو هيو.[1]

الله اڪبر! ڪهڙي نه پياري ڳالهه آهي، اسان جي ماضي جون اهي تلخ يادون جيڪي اسان کي پريشان ڪري رکن ٿيون، جيڪڏهن اسان چڱي سوچ اپنايون، صبر سان ڪم وٺون، الله پاڪ جي رضا ۾ راضي رهڻ جو ذهن بنايون ۽ حديث شريف ۾ بيان ڪيل عمل ڪيون ته جڏهن جڏهن اسان کي اهي تلخ يادون اينديون، ان وقت اسان جي لاءِ ثواب جو ذريعو بڻجندو ويندو.

زندگي مان لفظ ڪاش ڪڍي ڇڏيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي ماضي جي تلخين جو هڪ وڏو سبب لفظ ڪاش آهي. اسان پنهنجي ماضي جي متعلق ڪاش گهڻو چوندا آهيون: ڪاش! مان هُو ڪم نه ڪيان ها، ڪاش! هي نه ٿي ها، ڪاش! اهو نه ٿئي ها، ڪاش! مان هي ڪاروبار نه، هُو ڪاروبار ڪيان ها. ڪاش! مون هي ڊپلومه نه، فلاڻو ڊپلومه ڪيو هجي ها، ڪاش! مان هتي نه، فلاڻي هنڌ نوڪري ڪيان ها وغيره. هي جيڪو لفظ ڪاش آهي، هي اسان جي ماضي کي به ۽ حال ۽ مستقبل کي به تلخ بڻائي ڇڏيندو آهي. تنهنڪري پنهنجي زندگي مان لفظ ڪاش ڪڍي ڇڏيو! هي تمام خطرناڪ لفظ آهي. اُمت جي غمخوار، محبوبِ ربّ غفار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي حديث پاڪ آهي، فرمايائون: جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پهچي ته هي نه چئو ته جيڪڏهن مان هُو ڪم ڪري وٺان ها ته ايئن


 

 



[1] مسندِ امام احمد،جلد:1 ،صفحہ:545،حدیث:1760۔