Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

گنهگار جي بخشش ٿي وئي

روايت ۾ آهي: بني اسرائيل ۾ 2 شخص هئا، هڪ نهايت عبادت گذار هيو، ٻيو نهايت ئي گنهگار هيو. ماڻهو عبادت گذار کي عَابِدُ بَنِیْ اِسْرَائِیْل (يعني بني اسرائيل جو عبادت گذار) چوندا هئا ۽ جيڪو گنهگار هيو، ان کي خَلِیْعُ بَنِیْ اِسْرَائِیْل (يعني بني اسرائيل جو آواره ۽ بي حياء شخص) چئي ڪري پڪاريو ويندو هيو. هڪ ڀيري گنهگار شخص عابد (يعني عبادت گذار) وٽان گذريو، ڏٺائين ته عبادت گذار جي مٿي تي ڪڪر ڇانوَ ڪري بيٺو هيو. ان گنهگار پنهنجي دل ۾ سوچيو؛ ”مان بني اسرائيل جو انتهائي گنهگار ۽ هي تمام وڏو عبادت گذار آهي، جيڪڏهن مان ان جي ويجهو ويهان ته اميد آهي ته الله تعالٰي مون تي به رحم فرمائي ڇڏيندو“ هي سوچي ڪري اهو ان عابد جي ويجهو ويٺو، هوڏانهن اهو عابد (جيڪو شايد شيطاني چالن ۽ باطني بيمارين جو علم نه رکندو هيو)، ان کي ناگوار گذريو ۽ ان منفي سوچيو ۽ دل ئي دل ۾ چيو؛ ”ڪٿي مون جهڙو عبادت گذار ۽ ڪٿي هي وڏي درجي جو گنهگار! هي مون وٽ ڪيئن ويهي سگهي ٿو!“ جيئن ته ان وڏي حقارت سان ان شخص کي مخاطب ٿي چيو؛ ”هتان اٿي وڃ!“ ان تي الله تعالٰي ان زماني جي نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تي وحي موڪلي ته انهن ٻنهي کي فرمايو ته اهي پنهنجا عمل نئي سري کان شروع ڪن، مون هن گنهگار کي (ان جي سٺي گمان جي سبب) بخشي ڇڏيو ۽ عبادت گذار جا عمل (ان جي تڪبر جي باعث) ضايع ڪري ڇڏيا! هڪ روايت ۾ آهي ته اهو ڪڪر جيڪو عابد جي مٿي تي ڇانوَ ڪيل هيو، انهيءَ وقت عبادت گذار وٽان هٽي ڪري گنهگار جي مٿي تي اچي ويو.[1]


 

 



[1] مکاشفۃ القلوب، باب فی بیان ذم الکبر، صفحہ:305۔