Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

بجائي، مٿي کان مٿي ڏسندو رھ ۽ بلندين تي چڙهندو وڃ! انهيءَ ڏينهن رات(مثلاً پنهنجي ماضي) ۾ مُنجهي نه پَئه! تنهنجا زمانا ٻيا به آهن(اڃا ٻيو گهڻو ڪجھ ڪرڻو اٿئي).

هميشه چڱي اُميد ئي رکو

پيارا اسلامي ڀائرو! مايوسي هڪ مرض آهي، اسان کي الله پاڪ جي رحمت کان هميشه چڱي ئي اُميد رکڻ گهرجي. حديث قدسي ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: اَنَا عِنْدَ ظَنِّ عَبْدِی بِیْ فَلْیَظُنَّ ظَانّ مَا شَآءَ مان پنهنجي ٻانهي جي گمان جي ويجهو هوندو آهيان. پوءِ گمان ڪرڻ وارو جهڙو چاهي گمان ڪري.[1]

مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هتي عَبۡد مان مراد مومن ٻانهو آهي. يعني ٻانهو منهنجي متعلق جهڙو گمان رکندو، مان ان سان اهڙوئي معاملو ڪندس. [2]

جو سوچتا ہوں، وہی بات ہونے لگتی ہے

جُڑا ہوا ہے زمانہ مرے گمان کے ساتھ

معلوم ٿيو، اسان جهڙو سوچينداسين، اهڙائي نتيجا ملندا، مثبت سوچينداسين ته مثبت نتيجا ملندا، منفي سوچينداسين ته منفي نتيجا ملندا، تنهنڪري هميشه الله پاڪ جي رحمت سان چڱي اُميد ئي لڳايو، چڱو ئي سوچو، چڱو ئي گمان رکو! حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي وصال ظاهري


 

 



[1]  بخاری، کتاب التوحید، باب  قَوْلِ اللَّهِ تَعَالَى وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفْسَهُ، صفحہ:1787، حدیث:7405

[2]  مرآۃ المناجیح، جلد: 3، صفحہ: 306۔