Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

رستي جا مسافر بڻجي ويا.

ان تي حضرت ذوالنُّون مِصۡري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مريدن کي فرمايو: آخرت جون خوشيون هن جهان(يعني دنيا) ۾ توبه ڪرڻ جي ذريعي ئي حاصل ٿينديون آهن.[1]

 سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتري پياري سوچ آهي. ڪو اسان سان برائي ڪري، اسان کي ستائي، ان کي هيءُ ”الله توکي برباد ڪري“ چوڻ بدران هيئن دعا ڏيو: الله توکي هدايت ڏي. اهو سڌري به ويندو، پنهنجي تڪليف به ختم ٿي ويندي. ايئن پنهنجي مسلمان ڀائرن جي خلاف دعا ڪرڻ کان بهتر آهي ته اسان مثبت سوچ اپنايون ۽ هدايت جي دعا ڪيون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون برڪتون ملنديون.

بدگماني کان بچو

 پيارا اسلامي ڀائرو! منفي سوچ جي هڪ صورت بدگماني به آهي، ياد رکو! بدگماني حرام ۽ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِیْرًا مِّنَ الظَّنِّ. اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! گهڻي گمان ڪرڻ کان بچو بيشڪ ڪو گمان گناھ ٿي ويندو آهي. (سيپارو:26، سورة حُجرات:12)

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت ڪريمه ۾ اسان کي گهڻي گمان ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي ڇوته ڪجھ گمان گناھ به هوندا آهن. ياد رکو! گمان جا ڪيترائي قسم آهن، انهن مان 3 هي آهن. (1) واجب: جيئن الله پاڪ سان سٺو گمان رکڻ (2) مستحب: جيئن نيڪ مسلمان سان سٺو گمان رکڻ (3)  حرام:


 

 



[1] کشف المحجوب، صفحہ:156۔