Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

ٻيو لکيل هجي ها ته اهو ئي ٿئي ها. مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمّت، مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: جيڪڏهن اسان هن نبوي طريقي تي عمل ڪيون ته ثواب به ماڻيون ۽ اسان جو گهر جنت بڻجي وڃي، ڪڏهن لڙائي جهڳڙا نه ٿين، گهرن ۾ فساد، لڙايون هن نبوي انداز کي ويساري ڇڏڻ جي ڪري ٿين ٿيون.

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيتري پياري تعليم آهي. الله ڪري ته اسان اهو انداز اپنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

دعا جي معاملي ۾ به مثبت ئي رهو!

پيارا اسلامي ڀائرو! دعا جي معاملي ۾ به اسان کي مثبت ئي رهڻ گهرجي، اسان جي بزرگانِ دين جي نهايت پياري سوچ هوندي هئي. اهي نيڪ انسان ماڻهن کي بددُعا ڏيڻ بدران، چڱيون چڱيون دعائون ڏيندا هئا. حضرت ذوالنُّون مِصۡري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، هڪ ڀيري پاڻ پنهنجي مريدن سان گڏجي ٻيڙي ۾ سفر فرمائي رهيا هئا، سامهون کان هڪ ٻيڙي گذري رهي هئي، ان ٻيڙي ۾ سُوار ماڻهو ڳائڻ ٻڌي رهيا هئا ۽ درياء ۾ شور شرابو ٿي رهيو هو. حضرت ذوالنُّون مِصۡري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مريدن عرض ڪيو: سائين دعا ڪيو! ته الله پاڪ انهن سڀني کي غرق ڪري ڇڏي ته جيئن انهن جي نَحوست کان خدا پاڪ جي مخلوق محفوظ ٿي وڃي. حضرت ذوالنُّون مِصۡري  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جلال مان اٿيا ۽ هيئن دعا گهريائون: اي الله پاڪ! تو جيئن انهن کي هن دنيا ۾ خوشيون عطا فرمايون آهن، ايئن ئي آخرت ۾ به خوشيون عطا فرماءِ.

سندن اها دعا ٻڌي مريدن کي وڏي حيراني ٿي. خير! جڏهن اها ٻيڙي ويجهو آئي، جيئن ئي انهن ماڻهن جون نظرون حضرت ذوالنُّون مِصۡري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي پيون ته سڀئي روئڻ لڳا، انهن موسيقي جا آلات ٽوڙيا ۽ سچي توبهه ڪري نيڪ