Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

جيئن الله پاڪ سان بُرو گمان رکڻ، ايئن ئي ڪنهن مسلمان جي لاءِ بدگماني ڪرڻ حرام آهي.[1] 

الله جا ٻانهؤ! پاڻ ۾ ڀائر بڻجي وڃو!

حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن فرمايو: پنهنجو پاڻ کي بدگماني کان بچايو ڇو ته بدگماني بدترين ڪوڙ آهي، هڪٻئي جا ظاهري ۽ باطني عيب نه ڳولهيو،  لالچ نه ڪيو، حسد نه ڪيو، بغض نه ڪيو، هڪٻئي کان منهن نه موڙيو ۽ اي الله پاڪ جا ٻانهؤ پاڻ ۾ ڀائر بڻجي وڃو.[2]

ڪنهن جي متعلق بدگماني نه ڪيو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس جي ڳالھ آهي ته اسان وٽ بدگماني تمام گهڻي ڪئي ويندي آهي، ڪجھ ماڻهن جي ته اهڙي عادت ٿي ويندي آهي جو سندن دل ۾ ڪنهن جي مُتَعَلّق چڱي سوچ ايندي ئي ناهي، بس ڳالھ ڳالھ تي بدگماني جا نظارا عام آهن، والدين اولاد، ڀاءُ ڀيڻ، مڙس، زال، سَسُ نُنهن، سهرو نياڻو، ڏير ڀاڄائي بلڪ تمام اهلِ خانه ۽ خاندان، استاد شاگرد، سيٺ ۽ نوڪر، واپاري ۽ گراهڪ، آفيسر ۽ مزدور مطلب ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته تمام ديني ۽ دنياوي شعبن سان تعلق رکڻ وارن مسلمانن جي اڪثريت هن وقت بدگُماني جي گهيري ۾ آهي.  *  ڪنهن کي موبائل تي فون ڪيو ۽ اهو Receive نه ڪري ته بدگماني.  *  مڙس جي توجھ زال جي طرف گهٽ ٿي وئي ته سَسُ تي بدگماني.  *  پٽ جي توجھ گهٽ ٿي وئي ته فوراً نُنهن تي بدگُماني.  *  ڪنهن فيڪٽري جي چڱي نوڪري تان فارغ ٿيو ته دفتر جي ڪنهن فرد تي بدگُماني.


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان، پارہ:26، الحجرات، زیر آیت:12، جلد:9، صفحہ:434۔

[2] مسلم، کتاب البر والصلۃ والآداب، باب تحریم الظن والتجسس...الخ، صفحہ:994، حدیث:2563۔