Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

اشراق، چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن.  *  اوهان به تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شريڪ ٿيڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساريون برڪتون ملنديون. حديث شريف جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ وڃي، ان کي عُمري جو ثواب ملندو آهي.[1]  *  صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي.  *  سڄو ڏينهن سٺو گذرندو.  *  صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو *  شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو.  *  انهن جي محَبّت دل ۾ ويهندي.  *  اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي روحاني توجھ ملندي  *  ايمان تازو ٿيندو  *  ان جي وسيلي سان ڪيل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  پوريون ٿينديون  *  هڪ وڏي برڪت اها آهي ته نماز فجر کان نماز اشراق تائين مسجد ۾ رڪڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي ان تي عمل جي سعادت ملي ويندي.  *  حديث پاڪ جي مطابق جيڪو فجر جي نماز کان بعد ذڪرُالله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق، چاشت جا نفل پڙهي، ان کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي.[2]

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم هو۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزائن جي لاءِ ڪيئي ڀيرا درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پيو۔ خير هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ جي مَشوَري  تي اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعرن


 

 



[1] مستدرک، کتاب العلم، باب من جاء المسجد...الخ، جلد:1، صفحہ:281، حدیث:317 ۔

[2] شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:420، حدیث:3957۔