Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

خيالات اچي به وڃن ته انهن کي هڪدم پري ڪري ڇڏيو، حُسنِ ظن جا پهلو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب جا موقعا به ملندا، سوچ به پاڪ صاف رهندي، لڙائي جهڳڙن کان به ڪافي حد تائين بچت ٿي ويندي، اوهان جو ڪردار نکرجندو ۽ ماڻهن ۾ عزت به ٺهندي. الله پاڪ اسان کي هر معاملي ۾ مثبت سوچ اپنائڻ، چڱو سوچڻ، چڱا ڪم ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي رحمت سان چڱي اُميد رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو

پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ عشق رسول وڌائڻ سُنّتن تي هلڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ به آهي. قرآنِ مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: احاديث ۾ هن طرح مضمون آهي: صبح هن حال ۾ ڪيو جو يا ته توهان عالم هجو يا علم دين جا طالب.[1]   *  هڪ روايت جي مطابق صبح جي وقت قرآنِ مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100 رڪعت نفل پڙهڻ کان بهتر آهي.[2]  * اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر جي نماز کان بعد تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن. *  هن ۾ 3 قرآني آيتون.  *  ان جو ترجمو ۽ تفسير ٻُڌي، ٻڌائي ويندي آهي.  *  فيضانِ سُنّت مان درس ٿيندو آهي. *  شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي.  *  دعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾


 

 



[1] دارمی، المقدمۃ، باب فی ذھاب العلم، صفحہ:96، حدیث:254۔

[2] ابن ماجہ، باب فضل من تعلم القرآن و علمہ، صفحہ:48، حدیث:219 ۔