Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

عقل ڪڏهن مڪمل ٿيندو آهي؟

هڪ ڀيري حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايو: پٽ! تنهنجو عقل ان وقت تائين ڪامل نٿو ٿي سگهي جيستائين تون سڀني انسانن کي پاڻ کان بهتر نه ڄاڻي وٺين...!

       الله پاڪ اسان کي عقلمندي نصيب فرمائي، تڪبر جي آفت بلڪ تمام ظاهري ۽ باطني بيمارين کان محفوظ فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

خوب انساں کو کرتی ہے رُسوا            جب زباں بے لگام ہوتی ہے

گر تکبّر ہو دِل میں ذَرَّہ بھر                 سُن لو جنّت حرام ہوتی ہے ([1])

هميشه مثبت سوچ ئي رکو!      

پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان ٻي ڳالھ سکڻ جي لاءِ اها ملي ته اسان کي هميشه مثبت سوچ رکڻ گهرجي. ڏسو! هن واقعي ۾ اسان جي سامهون 2 ڪردار آهن: (1) انهن مان هڪ گنهگار آهي، جنهن جي زندگي گناهن ۾ گذري آهي، ايستائين جو ان جي بُري ڪردار ۽ گناهن جي عادتن جي ڪري کيس خَلِیْعُ بَنِیْ اِسْرَائِیْل (يعني بني اسرائيل جو سڀني کان وڏو بي حياء) چيو ويندو هيو.(2) ٻئي طرف هڪ عابد آهي، سندس زندگي عبادت ڪندي، نيڪيون ڪمائيندي، چڱا ڪم ڪندي گذري آهي، بني اسرائيل کيس عابِدُ بَنِیْ اِسْرَائِیْل (يعني بني اِسرائيل جو عبادت گذار) چئي سڏيندا هئا. هي 2 ڪردار آهن، انهن ٻنهي صرف هڪ هڪ ڪم ڪيو ۽ اهو اهڙو هيو جنهن ٻنهي جي ماضي کي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:495۔