Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

کان 3 ڏينهن پهريان نصيحت ڪندي فرمايو: ‌لَا ‌يَمُوتَنَّ ‌أَحَدٌ ‌مِّنْكُمْ ‌إِلَّا وَهُوَ يُحْسِنُ بِاللهِ الظَّنَّ توهان مان ڪنهن کي موت نه اچي پر هي ته اهو الله پاڪ کان سٺو گمان رکندو هجي.[1]

 ڏسو! اسان پنهنجي موت جو وقت نٿا ڄاڻون، ٿي سگهي ٿو هاڻي موت اچي وڃي، ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اچي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڃا ڪيئي سال زندگي باقي رهندي هجي، مطلب ته اسان کي پنهنجي موت جي وقت جي خبر ناهي ۽ اسان جي پياري آقا، رسولِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نصيحت فرمائي ته موت هن حال ۾ اچي جو توهان الله پاڪ کان نيڪ گمان رکندا هجو، ان جو نتيجو ڀلا ڪهڙو نڪرندو؟ اهو ئي ته هر وقت، هر گهڙي الله پاڪ کان نيڪ گمان ئي رکو!

بُرو گمان رکڻ هلاڪت جو سبب آهي

هڪ روايت ۾ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: توهان مان ڪنهن کي موت نه اچي پر هي ته اهو الله پاڪ کان سٺو گمان رکندو هجي، پوءِ فرمايو: هڪ قوم هئي، جنهن کي الله پاڪ کان بُرو گمان رکڻ سبب هلاڪ ڪيو ويو. الله پاڪ فرمايو: [2]

وَ ذٰلِکُمۡ ظَنُّکُمُ الَّذِیۡ ظَنَنۡتُمۡ بِرَبِّکُمۡ اَرۡدٰىکُمۡ فَاَصۡبَحۡتُمۡ مِّنَ الۡخٰسِرِیۡنَ

ترجموڪنزالعرفان: ۽ هي توهان جو اهو گمان هو جيڪو توهان پنهنجي ربّ تي ڪيو انهيء گمان توهان کي هلاڪ ڪري ڇڏيو سو هاڻي نقصان کڻڻ وارن مان ٿي ويؤ. (پارہ:24، حم السجدۃ:23)


 

 



[1]  مسند ابی یعلیٰ، مسند جابر، جلد:2، صفحہ:149، حدیث:1908۔

[2] موسوعہ ابن ابی الدنیا، کتاب حسن الظن با للہ ، جلد:1، صفحہ:50، حدیث:4۔