Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

عَلاَمه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  تي ڪرم ٿي ويو

 علامه سَعۡدُ الدّين مَسۡعود بن عُمر تَفۡتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عالِم دِين آهن، دَرسِ نِظامي (يعني عالِم ڪورس) ۾ سندن لکيل ڪيئي ڪتاب پڙهايا ويندا آهن۔ عَلَّامه تَفتَازَاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قاضِي شيرازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ پڙهندا هئا ۽ ڪلاس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪُندذِهن سمجھيا ويندا هئا۔ سندن هم مڪتب (Class Fallow) سندن ڪند ذِهني (ڪمزور يادداشت) جي ڪري مذاق اُڏائيندا هئا۔ ان جي باوُجُود عَلَّامه تَفتَازَاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه همّت نه هاري ۽ محنت ڪندا ئي رهيا، وڏي ڪوشش ۽ محنت سان سبق ياد ڪندا هئا، وري وسري ويندو هُيو، وري ياد ڪندا هئا، ايئن پاڻ محنت جاري رکيائون۔ هڪ ڀيري پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سبق ياد ڪرڻ ۾ مَصرُوف هئا ته هڪ اجنبي شخص اچي چيو: مَسعُود! اُٿ! اسان سير ڪرڻ هلون ٿا۔ عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جواب ڏنائون: مون کي گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ پيدا ناهي ڪيو ويو، هونئن به ايترو پڙهڻ جي باوُجُود مون کي ڪجھ سمجھ نٿو اچي، پوءِ مان گهمڻ ڦرڻ ۾ وقت ڪيئن ٿو برباد ڪري سگھان؟ اهو ٻڌي اهو اجنبي شخص هليو ويو، ڪجھ دير بعد وري ساڳيو شخص موٽي آيو، ان وري کين سير و تفريح تي هلڻ جي دعوت ڏني، پاڻ وري ساڳيو جواب دهرايائون۔ ٿوري دير کان بعد ٽئين ڀيري اهو ئي شخص آيو، هن ڀيري ان چيو: اوهان کي الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ياد فرمائي رهيا آهن۔ بَس اهو ٻڌڻو هو جو عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بدن تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي ۽ پاڻ پيرين اگھاڙي ديدارِ محبوب جي لاءِ ڊوڙ پاتي۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شهر کان ٻاهر هڪ وڻ هيٺ جَلوه فرما هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڏسي مرڪي فرمايائون: اسان جي بار بار سڏڻ تي اوهان ڇو نه پئي آيا؟ علامه تفتازاني عاجزي سان عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي خبر نه