Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!              جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گهٽ ڳالهائڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

 فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): انسان جو خاموشيءَ تي قائم رهڻ 60 سال جي عبادت کان بهتر آهي.[2] 

  اي عاشقانِ رسول! گهٽ ڳالهائڻ سنّت مصطفٰي آهي * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  طويل خاموشيءَ وارا هئا.[3] پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت ماڻهن سان ڪلام نه فرمائيندا هئا، هند بن ابو هاله رَضِىَ اللهُ عَنْه جو بيان آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت گفتگو نه فرمائيندا هئا بلڪه اڪثر خاموش ئي رهندا هئا. [4] خاموشيءَ مان مراد آهي: دنياوي ڪلام کان خاموشي نه ته حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ الله پاڪ جي ذڪر سان تَرۡ رهندي هئي. [5]


 

 



[1] مشڪوٰة الصابيح،ڪتاب الايمان،باب الاعتصام بالڪتاب والسنة ،الفصل الثاني،1/55،حديث:175

[2] شُعَبُ الْاِیْمَان، باب حفظ اللسان، جلد:4، صفحہ:245، حدیث:4953۔

[3] شرح السنہ للبغوی، جلد:7، صفحہ:450، حدیث:3695۔

[4] شمائل ترمذی، صفحہ:353، حديث:225۔

[5] مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:81۔