Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي باري ۾ برو گمان رکڻ ڪافرن جو طريقو آهي ۽ برو گمان رکڻ وارو انهن ماڻهن مان هوندو جيڪي هلاڪ ٿيڻ وارا ۽ نقصان کڻڻ وارا آهن. [1]

ڪاميابي جي لاءِ چڱي سوچ ضروري آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪنهن به ڪم ۾ ڪاميابي جي لاءِ قرآنِ ڪريم اسان کي جيڪا تعليم ڏني آهي، اها هيءَ آهي:

وَ شَاوِرۡہُمۡ فِی الۡاَمۡرِ ۚ فَاِذَا عَزَمۡتَ فَتَوَکَّلۡ عَلَی اللّٰہِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الۡمُتَوَکِّلِیۡنَ

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪمن ۾ انهن کان مشورو وٺندا رهو پوءِ جڏهن ڪنهن ڳالھ جو پڪو ارادو ڪري وٺو ته الله تي ڀروسو ڪيو بيشڪ الله توڪل ڪرڻ وارن سان محبت فرمائيندو آهي. (آل عمران 3 ،159)

هن مان خبر پئي، اسان جيڪو به ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڪاميابي گهرجي ته هي ڪجھ ڪم ضرور ڪيو (1) ان ڪم جي ماهرن يعني فيلڊ جي ماڻهن کان مشورو ڪيو. (2) پوءِ جڏهن مشورو ڪري ڪم ڪرڻ جو طئي ٿي وڃي ته پختو اِرادو ڪيو (3) ۽ الله پاڪ تي تَوَڪّل رکو. حضرت عبدالله بن داود رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو ويو: تَوڪل ڇا کي چئبو آهي؟ فرمايائون: اَنَّ التَّوَکُّلَ حُسْنُ الظَّنِّ بِاللہ يعني الله پاڪ سان چڱو گمان رکڻ جو نالو توڪُّل آهي.[2]

چڱي ۽ بُري گمان جون مثالون

معلوم ٿيو، ڪاميابي جي بنيادي شرائط مان هڪ شرط اهو آهي ته اسان


 

 



[1] صراط الجنان، پارہ:24، حم السجدۃ، زیر آیت:23، جلد:8، صفحہ:624۔

[2] موسوعہ لابن ابی الدنیا، حسن الظن باللہ، جلد: 1، صفحہ:60، حدیث:27۔