Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

*  ڪاروبار ۾ نقصان ٿي پيو ته قريبي دڪاندار وغيره کان بدگُماني.  *  تنظيمي طور تي توقع جي خلاف ڳالھ ٿي وئي ته ذميدارن تي بدگماني.  *  اجتماع ذڪرو نعت جي انتظامن ۾ ڪمزوري ٿي ته فوراً منتظمين سان بدگماني.  *  اجتماعِ ذڪر و نعت ۾ ڪو شخص جهومي رهيو آهي يا روئي رهيو آهي ته بدگماني.  *  ڪنهن بُزرگ يا پير پنهنجي مُرِيدن يا مُتَعّلِقن جي ترغِيب يا تحديثِ نعمت (يعني نعمت جي چرچي) جي لاءِ ڪو پنهنجو واقِعو بيان ڪيو ته هڪدم ان کان بدگُماني.  *  جنهن قرض ورتو ۽ اهو رابطي ۾ نه پيو اچي يا جنهن سان مال بُڪ ڪرايو هيو اهو ملي نٿو ته بدگماني.  *  ڪنهن وَقت ڏنو ۽ اچڻ ۾ دير ٿي وئي ته بد گُماني  *  ڪنهن وٽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ گاڏي، سٺو گھر ۽ ٻيون سهولتون اچي ويون ته بدگُماني، ان کي شهرت ملي وئي ته بدگماني. مطلب ته! اسان جو معاشرو هن وقت بدگماني جي خوفناڪ آفت جي وڪڙ ۾ آهي، ڳالھ ڳالھ تي بدگمان، بدگُماني، بدگُماني...!!

بدگماني جا نقصان

پيارا اسلامي ڀائرو! بدگُماني کان بچڻ جي لاءِ ان جي نقصانن تي غور ڪيو(1)   جنهن جي باري ۾ بدگماني ڪئي، جيڪڏهن ان جي سامهون ان جو اظهار به ڪيو وڃي ته ان جي دل آزاري ٿي سگهي ٿي ۽ شرعي اجازت جي بغير مسلمان جي دل آزاري حرام آهي (2): جيڪڏهن ان جي غير موجودگي ۾ ٻئي مسلمان جي سامهون پنهنجي بري گمان جو اظهار ڪيو ته هي غيبت ٿي ويندي ۽ مسلمان جي غيبت ڪرڻ حرام آهي (3): بدگماني ڪرڻ وارو صرف پنهنجي گمان تي صبر ناهي ڪندو بلڪ هو سامهون واري جا عيبَ ڳولهڻ ۾ لڳي ويندو آهي ۽ ڪنهن مسلمان جا عيبَ ڳولهڻ به گناھ آهي (4): بدگماني جي هلاڪت مان هڪ هي به آهي ته بدگماني ڪرڻ سان بغض ۽ حسد جهڙيون