Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

ئي ڪنهن جي مستقبل تي منفي حڪم لڳايو! بلڪه اسان کي گهرجي ته الله پاڪ جي رحمت مان چڱي اميد لڳايون ۽ اهو ذهن رکون ته منهنجو پٽ، منهنجو ڀاءُ، منهنجو شاگرد اڄ نالائق ناڪاره آهي ته ڪا ڳالھ ناهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  الله پاڪ رحمت فرمائيندو ۽ پنهنجي ڪرم سان ان کي ڪاميابي عطا فرمائيندو. نيڪ رستي جو مسافر بڻائي ئي ڇڏيندو.

ڇا توهان منهنجي اختيارن تي قابو رکو ٿا.،..؟

  حضرت ضمۡضم  هِفّاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر ٿيس، اُتي هڪ شخص مون کي چيو: اي يمامي(يعني يمامه جا رهڻ وارا)! منهنجي ويجهو اچو! مان ان جي ويجهو ويس، انهن فرمايو: اي يمامي! ڪنهن کي به اهو نه چوندو ڪر ته الله پاڪ توکي ڪونه بخشيندو ۽  توکي جنت ۾ داخل نه فرمائيندو.

 حضرت ضمۡضم  هِفّاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي اها ڳالھ آهي، جيڪا مان ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ چئي ڇڏيندو هيس (يعني مان ٻين کي چئي ڇڏيندو هيس ته الله پاڪ توکي نه بخشيندو). جڏهن اُن جي اها نصيحت ٻڌي ته مون حيرت مان پڇيو: اوهان ڪير آهيو؟ فرمايائون: مان ابوهريره آهيان. پوءِ انهن مون کي هڪ حديث شريف ٻڌائي، فرمايائون: مون الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو ته: بني اسرائيل ۾ 2 شخص هئا، هڪ گنهگار هيو، هڪ عبادت گذار هيو، عبادت گذار ان گنهگار کي نيڪي جي دعوت ڏيندو هيو پر گنهگار تي ڪو اثر نه ٿيندو هيو، هڪ ڀيري عبادت گذار مايوس ٿي ڪري چيو: وَاللہِ لَا یَغْفِرُ اللہُ لَکَ، وَاللہ ِلَا یَدْخُلُکَ الْجَنَّۃَ يعني الله پاڪ جو قسم! الله پاڪ نه توکي بخشيندو، نه جنت ۾ داخل فرمائيندو، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار