Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

تلخ ماضي الميو نه بلڪ استاد آهي

اوهان کي هڪ لطف اندوز ڳالھ ٻڌايان، اسان پنهنجي زندگي جي دردناڪ پهلوئن کي عام طور الميي (يعني ڏکايل واقعي) جو نالو ڏيندا آهيون پر عقلمند ۽ داناء ماڻهو ان کي الميو نه بلڪ استاد چوندا آهن. يعني اسان جو ماضي اسان جو استاد آهي. هي حڪمت جي ڳالھ آهي، الله پاڪ اسان کي يادداشت عطا فرمائي آهي، اسان چاهيندي به ماضي جي ڪيئي ڳالهين کي ويساري نٿا سگهون....!! اوهان ڄاڻيو ٿا ايئن ڇو آهي؟ اسان جي يادداشت اسان جي ماضي کي اسان جي مستقبل سان جوڙيندي آهي، اسان ماضي کي ياد رکي ڪري پنهنجو مستقبل طئي ڪندا آهيون، هاڻي ان جون 2 صورتون آهن: (1) يا ته پنهنجي ماضي تي پريشان ٿي ڪري، ان کي ڏکوئيندڙ واقعي جو نالو ڏئي ڪري پنهنجي مستقبل کي به مايوس ڪري ڇڏيون (2) يا وري پنهنجي ماضي کي پنهنجو استاد بڻائي ان کان سکون ۽ پنهنجي مستقبل کي ڪامياب بڻايون. جيڪڏهن اسان مثبت سوچون، پنهنجي ماضي تي روئڻ، ان تي پريشان ٿيڻ بجائي، ان کان سکڻ شروع ڪنداسين ته اسان کي پنهنجو ماضي برو نه بلڪ حَسين نظر ايندو ۽ ان کان گهڻو ڪجھ سکي ڪري پنهنجو مستقبل بهتر بڻائي وٺنداسين. انهيءَ ڪري.

Be Positive Be Successful

(ترجمو: مثبت رهو! ڪاميابي ماڻيو...!!)

تُو شاہیں ہے پرواز ہے کام تیرا      تیرے سامنے آسماں اور بھی ہیں

اسی روز و شب میں الجھ کر نہ رہ جا   کہ تیرے زمان و مکاں اور بھی ہیں

 وضاحت: شاهين تنهنجو ڪم پرواز ڪرڻ آهي، تنهنڪري هيٺ ڏسڻ