Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

خطرناڪ باطني بيماريون پيدا ٿينديون آهن (5): بدگماني ڪرڻ سان ٻن ڀائرن ۾ دشمني پيدا ٿي ويندي آهي، سس ۽ نُنهن هڪٻئي جي خلاف ٿي وينديون آهن، مڙس ۽ زال ۾ هڪٻئي تي اعتماد ختم ٿي ويندو آهي، بدگماني جي ڪري ڳالھ ڳالھ تي پاڻ ۾ جهيڙو رهندو آهي ۽ آخرڪار ڪڏهن ڪڏهن طلاق جي نوبت به اچي ويندي آهي. بدگمانيءَ جي ڪري ڀاءُ ڀيڻ جي وچ ۾ تعلقات ٽٽي ويندا آهن ۽ ايئن هڪ خوش حال گهر اجڙي ويندو آهي (6): ٻين جي لاءِ بُرا خيالات رکڻ وارن ماڻهن تي فالج يعني اڌ رنگي ۽ دل جي بيمارين جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي جيئن ته حال ئي ۾ هڪ تحقيقي رپوٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي ٻين جي لاءِ مخالفاڻي سوچ رکن ٿا ان ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار ۽ ڪاوڙ ۾ رهندا آهن انهن ۾ دل جي بيمارين ۽ فالج جو خطرو %86وڌي ويندو آهي.[1] 

هميشه سٺو ئي سوچيندا ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان بدگماني ڪيتري قدر خطرناڪ بيماري آهي، انهيءَ ڪري اسان تي لازم آهي ته مثبت ئي سوچ اپنايون، هميشه ٻين جي باري ۾ چڱو ئي گمان ڪيون. حديث پاڪ ۾ آهي: حُسْنُ الظَّنِّ مِنْ حُسْنِ الْعِبَادَۃِ  يعني حسنِ ظن عمده عبادت آهي۔ [2] مُفسرِ قرآن حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث شريف جي شرح ۾ لکن ٿا: يعني مسلمانن کان سٺو گمان ڪرڻ، انهن تي بدگماني نه ڪرڻ هي به سٺي عبادتن مان هڪ عبادت آهي.

 (مراٰةُ المناجيح ج 6 ص 621)

    انهيءَ ڪري هميشه  چڱو ئي سوچو، ڪنهن جي باري ۾ بُرا ۽ منفي


 

 



[1] صراط الجنان، پارہ:26، الحجرات، زیر آیت:12، جلد:9، صفحہ:435-436۔

[2] مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:621