Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

مان ڪوبه نيڪ يا جائز ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ان جي مُتَعلّق الله پاڪ جي رحمت مان اميد رکو، چڱو گمان ۽ يقين رکو، مثبت سوچ اپنايو. مثال طور  *  توبه ڪئي، سچي توبه ڪئي، توبه جا جيڪي شرط آهن، اهي پورا ڪري ورتا، هاڻي اُمّيد رکو ته الله پاڪ منهنجي توبه قبول فرمائيندو
  *  نماز پڙهي، هاڻي اُمّيد رکو ته منهنجي نماز قبول ٿي ويندي  *  ڪاروبار شروع ڪيو، جيڪي ان جا تقاضا هئا، اهي پورا ڪيا، هاڻي ربّ ڪريم جي رحمت ۾ اُمّيد رکو ته هُو ڪاميابي عطا فرمائيندو  *  علم سکي رهيا آهيو، پنهنجي طرفان محنت ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي، هاڻي اُمّيد رکو ته امتحان ۾ ڪاميابي ملي ويندي.

  مطلب ته انسان هر ڪم جا تقاضا پورا ڪري، محنت چڱي ڪري، پنهنجي طرفان ڪا گهٽتائي نه ٿيڻ ڏي، پوءِ اها پڪّي اُميد رکي ته الله پاڪ مون کي هرگز مايوس نه فرمائيندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي رحمت سان ڪاميابي ضرور ملندي. ايئن ئي الله پاڪ کان هميشه چڱي ئي اُمّيد رکو، بُرو گمان نه رکو، مثلاً منهنجي قسمت ئي خراب آهي، مون کي ته ڪاميابي ملي ئي نٿي سگهي، مون سان برو ئي ٿيندو آهي. مان جيتري به ڪوشش ڪريان، نتيجو زيرو ئي نڪرندو آهي وغيره، اهي سڀئي بُري گُمان جون مثالون آهن. چڱو سوچو، الله ڪريم جي رحمت مان نيڪ گمان ئي رکو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! محنت رنگ لائيندي ۽ ڪاميابي قدم چمندي.

تدبیر کے دستِ رنگیں سے تقدیر درخشاں ہوتی ہے

قدرت بھی مدد فرماتی ہے جب کوششِ انساں ہوتی ہے