Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

جي جواب ۾ الله ۽ ان جا ملائڪ آمين چوندا آهن.

 (معجم الکبیر، ام انیس بنت الحسن بن علی، جلد:2، صفحہ:218، حدیث:2687۔)

بحکمِ حق اُترتے ہیں فرشتے خاص رحمت کے

کیا کرتے ہیں جب اَہْلِ سُنَن  چرچا  مُحَمَّد کا  ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙي نه فضيلت جي ڳالھ آهي، درود پاڪ ئي اهڙو نرالو عمل آهي جو ان جا فضائل پڙهي ڪري دل خوش ٿي ويندي آهي، غور ته ڪيو! جڏهن ڪنهن جي سامهون منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر پاڪ ٿي ۽ هُو پيار سان، اَدب سان، محبت سان بارگاھِ رسالت ۾ 100 ڀيرا نه، هزار ڀيرا نه، لکين ڀيرا نه بلڪه صرف هڪ ئي ڀيرو درود شريف پڙهي ته ملائڪ ان جي لاءِ بخشش جي دعا ڪندا آهن ۽ رحمت ۽ ڪرم تي قربان وڃو! پاڻ اسان جو خالق، اسان جو مالڪ، اسان جو پيارو الله پاڪ ملائڪن جي هن دعا تي آمين فرمائيندو آهي.

سُبْحٰنَ اللہ! غور فرمايو! ملائڪ جنهن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪن، پاڻ ربّ ڪريم ان دعا تي آمين فرمائي، ڇا اهڙو خوشنصيب انسان به بخشش کان محروم رهي سگهي ٿو..؟ نه!نه... ڪڏهن به نه!! درود شريف پڙهڻ وارو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رحمت خُدا جي صدقي، شفاعت مصطفيٰ جي صدقي پنهنجي آقا، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمجي پويان پويان جنت ۾ ويندو.


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:51۔