Book Name:Ibrat Ke Namonay

          صحابي سڳورا فرمائن ٿا: اهو صحابي اتان کان اٿيو، وضو ڪيائين، 2 رڪعت نماز ادا ڪئي، پوءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيکاريل دعا گهري، اسان اڃا اُتي ئي ويٺا هئاسين ته هُو واپس به اچي ويو پر واھ! سُبْحٰنَ اللہ! جڏهن ويا هئا ته نابينا هئا ۽ جڏهن واپس موٽيا ته کَاَنُّہٗ لَمْ یَکُنْ بِہٖ ضَرّ قَطُّ   هاڻي ايئن هئا جيئن انهن کي ڪڏهن ڪا تڪليف ٿي ئي نه هئي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي وسيلي جي برڪت...!! هي مبارڪ نماز جيڪا رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه  کي سيکاري، ان کي نمازِ حاجت چوندا آهن. * هي مُجَرَّب (يعني تجربي مان ثابت ٿيل)عمل آهي*  چاهي ڪيتري ئي مشڪل هجي * پريشاني هجي * مصيبت هجي * ڪا جائز خواهش * تمنا * آرزو پوري نه ٿي رهي هجي * امتحان ۾ ڪاميابي گهرجي *قرض لاهڻو هجي * شفا گهرجي *نمازن ۾ دل لڳائڻو هجي* گناھ ڇڏي ڪري نيڪ ٻانهو بڻجڻو هجي مطلب ته * ديني *دنياوي ڪابه حاجت هجي، انهيءَ انداز سان تازو وضو ڪيو، 2 رڪعت نماز ادا ڪيو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان، سندن سيکاريل طريقي جي مطابق دعا گهرو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر حاجت پوري ٿيندي،

هن مان اسان کي سبق مليو ته  * انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام *اولياءِ ڪرام
 رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم * ۽ الله پاڪ جي نيڪ، پسنديده ٻانهن جي وسيلي سان دعا ڪرڻ بلڪل جائز آهي ۽ هن ذريعي سان دعا جلد قبول ٿي ويندي آهي. ياد رکو! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ نيڪ ماڻهن جو وسيلو پيش ڪرڻ دعا جي آداب مان هڪ


 

 



[1] مستدرک، کتاب الدعاء...الخ، باب دعاء رد البصر...الخ، جلد:2، صفحہ:212، 213، حدیث:1973۔