Book Name:Ibrat Ke Namonay

ڇا شان هوندو...!! ان جي وسيلي سان دعا ڪئي وڃي ته ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون نصيب ٿينديون. حديثِ پاڪ ۾ آهي: صحابي رسول حضرت عثمان بن حنيف رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو هڪ نابينا صحابي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: اي محبوب نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا فرمايو ته منهنجون اکيون ٺيڪ ٿي وڃن.

(سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو عقيدو هيو ته يقيناً دعا الله پاڪ ئي ٻڌندو آهي، سڀني جي ٻڌندو آهي پر جهڙي پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي ٻڌندو آهي، اهڙي ڪنهن جي ناهي ٻڌندو...!!)

اس کی بخشش، ان کا وسیلہ                                                                                                           دیتا وہ ہے، دِلاتے یہ ہیں

خير!  صحابيِ رسول رَضِىَ اللهُ عَنْهُ دعا جي درخواست ڪئي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي لاءِ دعا نه ڪئي بلڪ اسان غلامن تي ڪرم ڪندي ان کي هڪ دعا سيکاري ته جيئن قيامت تائين سندن غلام هن دعا مان برڪتون حاصل ڪندا رهن. جيئن ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو چڱي طرح وضو ڪيو! پوءِ ٻه رڪعت نماز پڙهو! پوءِ هيئن دعا ڪيو!

اَللّٰہُمَّ اِنِّیْ اَسْئَلُکَ وَ اَتَوَجَّہُ اِلَیْکَ بِمحمَّد نَبِیِّ الرَّحْمَۃِ یَا مُحَمَّد اِنِّیْ اَتَوَجُّہُ بِکَ اِلیٰ رَبِّی فِی حَاجَتِیْ ہٰذِہٖ لِتُقْضیٰ اَللّٰہُمَّ فَشَفِّعْہُ فِیَّ

اي الله پاڪ! مان توکان سوال ڪيان ٿو ۽ تنهنجي محبوب، نبيِ رحمت محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان تنهنجي حضور ۾ متوجھه آهيان، اي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! مان اوهان جي وسيلي سان پنهنجي ربّ جي حضور ۾ متوجھ آهيان ته جيئن منهنجي هي حاجت پوري ٿي وڃي. اي الله پاڪ منهنجي حق ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سفارش قبول فرماءِ.