Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

ڪمي بلڪ واھ واھ جي بُري آفت کان عبادت جو فصل داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهيون.

نفسِ بدکار نے دل پر یہ قِیامت توڑی

عملِ نیک کیا بھی تو چھپانے نہ دیا

   

(4) نماز خشوع ۽ خضوع سان پڙهو!

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جي آداب مان اهو به آهي ته نماز خشوع ۽ خضوع سان پڙهي وڃي. الله ڪريم سيپاري 18 سُوۡرَةُ المُؤۡمِنُوۡن جي آيت نمبر 1 ۽ 2 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

قَدۡ اَفۡلَحَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ ۙ(۱) الَّذِیۡنَ ھُمۡ فِیۡ صَلَاتِہِمۡ خٰشِعُوۡنَ ۙ(۲)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ مراد کي پهتا ايمان وارا. جيڪي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ۽ زاري ڪن ٿا. (پارہ:18، المؤمنون:1-2)

”تفسير صراط الجنان“ جلد 6 صفحي 494 تي آهي: هن آيت ۾ ايمان وارن کي بشارت (يعني خوشخبري) ڏني وئي آهي ته بيشڪ اهي الله پاڪ جي فضل سان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ هميشه لاءِ جنت ۾ داخل ٿي هر ناپسنديده شيءِ کان نجات ماڻيندا. (تفسيرڪبير،ج8،ص258، روح البيان،ج6،ص66،ملتقطاً) وڌيڪ صفحي 496 تي آهي: ايمان وارا خشوع ۽ خضوع سان نماز ادا ڪندا آهن، ان وقت ان جي دلين ۾ الله ڪريم جو خوف هوندو آهي ۽ انھن جا عضوا بيٺل پُرسڪون هوندا آهن.

خشوع جي تعريف

 خشوع جي معنٰي آهي: ”دل جو فعل ۽ ظاهري عضوئن (يعني هٿن پيرن) جو عمل“ (تفسير ڪبير، ج8،ص259) دل جو فعل يعني الله پاڪ جي عظمت پيشِ نظر هجي،