Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

ڪجهه صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان رڪوع ۾ ايترا پُر سڪون هوندا ھا جو انهن تي جهرڪيون ويهي رهنديون هيون ڄڻ اهي جمادات (يعني بي ساھ شين) مان آهن.(احياءُ العلوم،ج1،ص228-229) حڪايت(4):ڪجهه صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن ماڻهو نماز واري ڪيفيت تي اٿاريا ويندا يعني نماز ۾ جنهن کي جيترو اطمينان ۽ سڪون حاصل ٿيندو آهي انهيء مطابق ان جو حشر (اٿاريو وڃڻ) ٿيندو. (ايضا،ج1،ص222)

 الله ڪريم اسان کي خشوع ۽ خضوع سان نماز پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اسان خشوع ۽ خضوع سان نماز ڪهڙي طرح پڙهي سگهون ٿا...؟ انهي جي لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟ شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي ڪتاب فيضان نماز ۾ ان جا ڪيترائي طريقا لکيا آهن، اچو! ٻڌون ٿا:

آقا ڪريم جون چار دعائون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو: خشوع جي جڳھ دل آهي جڏهن ته عضوا ان جي ظاهر هئڻ جو مقام آهن. خشوع حاصل ٿيڻ اللهُ رَبُّ العِزَّت جي نهايت عظيم نعمت آهي. شيطان پهريان ته ٻانهي کي نماز کان روڪيندو آهي، جيڪڏهن ٻانهو پوءِ به نماز پڙهڻ لڳندو آهي ته مختلف دنياوي شيون ياد ڏياري نماز جي رُوح يعني خشوع ۽ خضوع ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. بزرگانِ دين رَحْمَةُاللهِ عَلَيْهِم خشوع ۽ خضوع سان نمازون ادا ڪندا هئا، اسان کي به خشوع ۽ خضوع حاصل ڪرڻ لاءِ خوب ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ روئي روئي دعائون گهرڻ گهرجن. اسان جا پيارا آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هيئن دعا گهرندا هئا.

اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اَعُوْذُ بِکَ مِنْ قَلْبٍ لَّا یَخْشَعُ([1])

ترجمو: اي الله! مان ان دل کان تنهنجي پناھ ٿو گهران جيڪا خشُوع اختيار نه ڪري.


 

 



[1]  (ترمذي شريف جلد5ص293،حديث:3493،مختصراً)