Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

ہر عبادت سے برتَر عبادت نماز                                                                    ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

قلبِ غمگین کا سامانِ فرحت نماز                                                       ہے مریضوں کو پیغامِ صحت نماز

نارِ دوزخ سے بیشک بچائے گی یہ                                                 رَبّ سے دِلوائے گی تم کو جنّت نماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ                               قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نماز

بھائیو! گر خُدا کی رضا چاہئے                                                                                     آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

آؤ! مسجد میں جھک جاؤ رَبّ کے حُضُور                            تم کو دِلوائے گی حق سے رفعت نماز

یاخُدا! تجھ سے عطّاؔر کی ہے دُعا                                                                  مصطفےٰ کی پڑھےپیاری اُمّت نماز

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 

ڇا شان آهي پياري نمازيءَ جي...!!

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي پياري نمازيءَ جي...!! اندازو لڳايو! انهن ڌاڙيلن الله پاڪ جي رضا جي لاءِ نه بلڪ پاڻ کي گرفتاري کان بچائڻ جي لاءِ باقاعده نماز نه پڙهي بلڪ نماز جهڙي صورت اختيار ڪئي، يعني جيئن نماز ۾ قيام ڪندا آهيون، رڪوع ۽ سجود ڪندا آهيون، انهن ڪوڙ ۾ هي انداز اختيار ڪيو، ڇوته هي مسجد ۾ اچي ويا هئا، گرفتاري جي ڊپ کان ئي سهي، ڪوڙ مان ئي سهي، ربّ ڪريم جي حضور بيهي ته رهيا، صرف انهيءَ تي الله پاڪ جي رحمت جوش ۾ آئي ۽ انهن ڌاڙيلن کي توبه جي توفيق عطا ڪئي وئي.....!!

 هي يقيناً ربّ رحمٰن ۽ رحيم جي عطا آهي، جيڪو جيترو ان جي حضور ۾ حاضر ٿيندو آهي، جيترو ان جي بارگاھ ۾ جهڪندو آهي، جيترو ان جي طرف دل لڳائيندو آهي، ان کي ايترو ئي نوازيو ويندو آهي. هن ۾ اسان جي لاءِ سبق آهي ته جڏهن ڪوڙ مان نماز جي صورت بڻائڻ وارن کي ربّ جي رحمت محروم نه ڇڏيو ته اسان جيڪڏهن الله پاڪ جي رضا جي لاءِ، ڪوڙ مان نه بلڪ سچ مان نماز پڙهڻ جي عادت بڻايون ته ڇا ڪجهه ڪرم نوازيون نه ٿينديون...!!