Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

ڌيان هٽائيندڙ معاملن کان اڳ ۾ فارغ ٿي وڃو

نماز شروع ڪرڻ کان اڳ تمام ڪمن کان پاڻ کي فارغ ڪري وٺو جيڪي نماز ۾ ڌيان هٽائڻ ۽ ياد اِلٰهي کان غافل ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا پڻ جڳهه پرسڪون ۽ گوڙ کان دور هجي، سامهون واري پردي يا نماز واري جاءِ تي اهڙو نقش و نگار نه هجي، جنهن سان توجھ هٽي ۽ خشوع ۽ خضوع ۾ خلل اچي. سخت سردي ۽ سخت گرمي کان بچاءُ جا اسباب به اختيار ڪيو. جيڪڏهن کائڻ يا پيشاب وغيره ڪرڻ جي حاجت هجي ته ان کان فارغ ٿي وڃو.

سمجهداري واري ڳالھ(قول ۽ حڪايت)

حضرت ابودَردا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”انسان جي سمجهداري مان هِي آهي ته پهريان ئي پنهنجو ضروري ڪم مڪمل ڪري ڇڏي ته جيئن نماز شروع ڪندي وقت ان جي دل فارغ هجي.“ (قوت القلوب جلد2ص169) تابعي بزرگ حضرت سيدنا مَسۡرُوق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي گهروارن کي فرمائيندا هئا: ”(مون سان متعلق) پنهنجون تمام حاجتون منهنجي نماز شروع ڪرڻ کان پهريان پهريان مون کي ٻڌائيندا ڪريو.

نماز ۾ جيڪو ڪجھ پڙهون ٿا ان جي معنٰي ياد هجي

خشوع حاصل ڪرڻ لاءِ نماز ۾ پڙهيون ويندڙ سورتون ۽ نماز جا ذڪراذڪار مثال طور ثناء، سورة فاتحه، رڪوع ۽ سجدي جون تسبيحون ۽ دورد شريف وغيره جي معنيٰ معلوم هجي ته جيئن خبر پوي ته پنهنجي پروردگار کي ڇا عرض ڪري رهيا آهيون. آيتن ۽ دعائن جي معنيٰ جيڪڏهن ذهن ۾ موجود هوندي ته خيالات قابو ۾ رهي سگهندا، ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه پوري طور تي خشوع ۽ خضوع سان نماز ادا ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿيندي.

نماز ۾ خشوع پيدا ڪرڻ جا 27 مدني گلَ

الله پاڪ اسان کي خشوع ۽ خضوع سان نماز پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي، امير اهلسنت دامت برڪاتہم العاليه ان جي لاءِ مدني گل ڏيندي فرمائن ٿا: (1)