Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

ان اهم ترين فرض کي ادا ڪرڻ جي لاءِ اسان کي وقت ته ڪڍڻو ئي پوندو پر افسوس! اسان وٽ حالات اهڙا آهن جو ماڻهو جلدي جلدي مسجد ۾ ايندا آهن، جيئن تيئن ڪري نماز پڙهي ڪري گهر روانا ٿي ويندا آهن، جيتري جلدي نماز جي وقت ڪئي ويندي آهي، شايد ئي ڪنهن ٻي ڪم جي لاءِ ڪئي ويندي هجي....!! *  پوءِ هي شيطان مردود به ستائيندو آهي، جيئن ئي نماز شروع ڪئي، ڪڏهن ڪهڙو ڪم ياد اچي ويندو آهي، ڪڏهن ڪهڙو ياد ايندو آهي، بس پوءِ جلدي ڪئي ويندي آهي ته جلدي جلدي نماز پڙهو!  پوءِ فلاڻو فلاڻو ڪم به ڪرڻو آهي.

نماز  ادا ڪرڻ ۾ جلدبازي

الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عالشان آهي  ”انسانن ۾ سڀ کان بدترين چور اهو آهي جيڪو پنهنجي نماز ۾ چوري ڪري.“ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يَارَسُـولَ الله! صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪوئي شخص پنهنجي نماز ۾ ڪيئن چوري ڪري سگهي ٿو؟ فرمايائون:اهو جيڪو ان جا رُڪوع ۽ سَجدا پورا نٿو ڪري.“ يا ارشاد فرمايائون: ”اهو رڪوع ۽ سجدن ۾ پنهنجي پٺي سڌي نٿو ڪري.“ (مسند امام احمد بن حنبل ج 8 ص 386 حديث 22705)

ڪانوَ جيان ٺونگو  نه  هڻو

حضرت عبدالرحمٰن بن شِبۡل رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  فرمائن ٿا ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪانوَ جيان ٺونگي هڻڻ ۽ خونخوار جانورن وانگر هٿ وڇائڻ کان منع فرمايو.

(ابوداؤد جلد1ص328،هديث:862)

يعني ساجد (سجدو ڪرڻ وارو) سجدو ائين جلدي جلدي نه ڪري جيئن ڪانوُ زمين تي ٺونگو هڻي يڪدم کڻي وٺندو آهي ۽ سجدي ۾ ٺوٺيون زمين تي نه لڳائي جيئن ڪتو، بگهڙ وغيره ويهندي وقت لڳائيندا آهن. (مراٰة المناجيح جلد2ص82)

نماز  ۾ جلدي ڪرڻ جا نقصان