Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

الله پاڪ اسان کي چڱي طريقي سان نمازون پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اچو! چڱي طرح نماز پڙهڻ جي برڪت تي هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

هڪ عاشقِ مَجازي جو عجيب واقعو

حضرتِ عبدالرحمٰن صفوري رَحْمَةُاللهِ عَلَيْه ”نزهة المجالس“ ۾ هڪ عجيب و غريب واقعو لکيو آهي جنهن جو خلاصو هي آهي ته هڪ شخص ڪنهن عورت تي عاشق ٿي پيو آخرڪار همت ڪري اُن هڪ چٺي تي لکي ان عورت سان پنهنجي عشق جو اظهار ڪيو. اها خاتون نهايت شريف خاندان جي هئي، چٺي ڏسي پريشان ٿي وئي ڇو ته شادي شده به هئي، ڪجھ گهڙي سوچي سمجهي اها چٺي پنهنجي مڙس کي ڏنائين. ان جو مڙس هڪ مسجد جو امام هو ۽ نهايت پرهيزگار هئڻ سان گڏوگڏ ڪافي سمجهدار به هو، ان کي پنهنجي زال تي پورو ڀروسو هو. تنهنڪري اُن چٺي جي جواب ۾ پنهنجي گهر واريءَ جي ئي طرفان اُن اهو جواب لکي موڪليو ته ”فلاڻي مسجد ۾ فلاڻي امام جي پويان لاڳيتو چاليھ (40) ڏينهن پنجئي نمازون باجماعت ادا ڪريو، بعد ۾ اڳتي ڏٺو ويندو.“ ان ”عاشق“ پابندي سان باجماعت نماز پڙهڻ شروع ڪري ڏني. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا نماز جون برڪتون اُن تي ظاهر ٿيڻ لڳيون. جڏهن چاليھ ڏينهن مڪمل ٿيا ته اُن جي دل جي دنيا ئي بدلجي چڪي هئي تنهن تي اُن اهو پيغام موڪليو: (محترمه! نماز جي برڪت سان منهنجي اک کُلي وئي آهي، مان مَعَاذَالله حرام ڪاري جا خواب ڏسندو هيس پر الله ڪريم جا ڪروڙين احسان جو ان مونکي تنهنجي محبت کان ڇوٽڪارو عطا فرمايو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه) مون پنهنجي بري نيت کان توبه ڪري ورتي آهي ۽ توکان به معافي گهران ٿو. جڏهن ان نيڪ سيرت خاتون پنهنجي مڙس کي اهو پيغام ٻڌايو ته ان جي زبان مان يڪدم اهو جاري ٿي ويو ته: صَدَقَ اللهُ الْعَظِيْمُ فِيْ قَوْلِهٖ  (يعني رب