Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

هيئن پڙهندو آهي. (القول البدیع، الباب الاول، ص125)

(6) دُرُود شَفَاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ

شافع امم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي.

(الترغیب والترهیب، ج ۲، ص ۳۲۹، حدیث ۳۱)

(1) هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ

حضرتِ سَيِّدُنا ابنِ عباسرَضِى اللهُ عَنْھُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن.

(مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305) 

(2) ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي

لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ الْحَلِیْمُ الْکَرِیْمُ، سُبْحٰنَ اللّٰہِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِیْم

(خداءِ حليم و ڪريم کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ناهي، الله عَزَّوَجَلَّ پاڪ آهي جيڪو ستن آسمانن ۽ عرشِ عظيم جو پروردگار آهي)

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن هن دُعا کي ٽي ڀيرا پڙهيو ڄڻ ان شبِ قدر کي حاصل ڪري ورتو. (ابنِ عساڪر ج 19، ص 155، حديث 4455)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد