Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

وينداسين ۽ اسان جو پورو ڪردار سنتن جو آئينه دار بڻجي ويندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه.

کیوں  نمازی جہنّم میں جائے بھلا!                                                                            اس کو دِلوائے گی باغِ جنّت نماز

جو مسلمان پانچوں نمازیں پڑھیں                                                                              لے چلے گی انہیں سُوئے جنّت نماز

ہو گی دُنیا خراب، آخرت بھی خراب                                                          بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

هاڻي ذهن ۾ سوال اڀري رهيو هوندو ته نماز جا ظاهري باطني آداب ڪهڙا ڪهڙا آهن...؟ ڪيئن سکنداسين؟ ڪٿان سکنداسين؟ ان جي لاءِ ڪجھ نماز جا آداب مان عرض ڪيان ٿو، باقي اهو آهي ته نماز ۽ ان جا ظاهري ۽ باطني آداب سکڻ جي لاءِ اسان کي باقاعده وقت ڪڍڻ گهرجي. * اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ باقاعده  فيضانِ نماز ڪورس ڪرايو ويندو آهي، 7 ڏينهن جو ڪورس آهي، رهائشي به ڪرايو ويندو آهي ۽ جز وقتي به هوندو آهي، ان ڪورس ۾ نماز جا احڪام ۽ مسائل سيکاريا ويندا آهن، هي ڪورس ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نماز جي متعلق کوڙ علم دين سکڻ جي لاءِ ملندو  * شيخ طريقت امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو نهايت ئي پيارو ڪتاب آهي: فيضانِ نماز. 600 کان ڪجھ گهٽ صفحن جو ڪتاب آهي، ان کي پڙهو! نماز جي حوالي سان اهڙي ته معلومات ان ۾ ڏني وئي آهي جو پڙهي ڪري مزو اچي ويندو. * پوءِ ان سان گڏوگڏ احياءُالعلوم جلد:1 کان نماز جو باب پڙهي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نماز جي  ظاهري باطني آداب جي متعلق گهڻو ڪجھ سکڻ جي لاءِ ملندو. الله پاڪ اسان کي عَمَل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

    اچو! نماز جا ڪجھ آداب ٻڌون ٿا:  

(1) نماز کي وقت ڏيو!

نماز جو پهريون ۽ اهم ترين اَدب هي آهي ته نماز کي وقت ڏيو! ڏسو! نماز کي دين جو ٿنڀ چيو ويو آهي، دين جي فرائض ۾ اهم ترين فرض نماز آهي، ان جا کوڙ سارا فضائل ۽ فائدا بيان ڪيا ويا آهن. هاڻي انهن فائدن تائين پهچڻ جي لاءِ،