Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

جي ڪنجي آهي. (مسند امام احمد جلد5 ص103، حديث:14668) * نماز جهنم جي عذاب کان بچائيندي آهي. * نماز پڙهڻ سان رحمت نازل ٿيندي آهي. * الله پاڪ محشر جي ڏينهن نمازيءَ سان راضي ٿيندو. * نماز دين جو ٿنڀ آهي. (شعب الايمان جلد3 ص39،حديث:2808) * نماز سبب گناھ معاف ٿيندا آهن. (معجم ڪبير جلد6 ص250، حديث:6125) * نماز دعائن جي قبوليت جو باعث آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز بيمارين کان بچائي ٿي. نماز سان بدن کي سڪون  ملي ٿو. * نماز سبب روزيءَ ۾ برڪت ٿيندي آهي. * نماز بي حيائي ۽ برن ڪمن کان بچائيندي آهي. * نماز شيطان کي ناپسند آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز قبر جي اونداهي ۾ اڪيلائپ جي ساٿي آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز نيڪين جي پڙن کي وزني بڻائيندي آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز مؤمن جي معراج آهي.  (مرقاة المفاتیح جلد1 ص116) * نماز کي وقت تي ادا ڪرڻ سمورن عملن کان افضل آهي. (تنبيه الغافلين ص 151) * نمازي جي لاءِ سڀ کان وڏي نعمت اها آهي ته هُو  قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جو ديدار ڪندو. (فیضانِ نماز)

انهي ڪري اسان کي گهرجي ته نماز پڙهندا ڪيون، پنج ئي نمازون پڙهندا ڪيون، مسجد ۾ باجماعت نماز پڙهون، زهي نصيب! پهرين صف ۾ تڪبيرِ اوليٰ سان پڙهندا ڪيون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  اُن جي برڪت سان دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون.

 

بھائیو! گر خُدا کی رضا چاہئے                                                                                     آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

آؤ! مسجد میں جھک جاؤ ربّ کے حُضُور                            تم کو دِلوائے گی حق سے رِفعت نماز

صبر سے اور نمازوں سے چاہو مدد                                                    پُوری کروائے ہر ایک حاجت نماز

نماز برائين کان روڪيندي آهي