Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

منهنجي طرف متوجھ ٿي وڃو!

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيان ڪن ٿا ته سرورِ دوجهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: جڏهن ٻانهو نماز لاءِ بيهندو آهي ته اهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندو آهي، جڏهن هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو آهي ته الله پاڪ ارشاد فرمائيندو آهي:”تون ڪنهن جي طرف ڏسي رهيو آهين؟ ڇا مون کان بهتر ڏانهن ڏسي رهيو آهين؟ اي ابن آدم (يعني اي انسان) منهنجي طرف متوجھ ٿي! مان ان کان بهتر آهيان، جنهن جي طرف تون ڏسي رهيو آهين.“

(مسند البزار جلد16 ص200،حديث:9332)

نماز ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ سان رحمت جو ڦري وڃڻ

حضرت سَيِّدُنا ابوذر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيان ڪن ٿا: رسولِ انور، محبوبِ ربِّ اڪبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ”الله پاڪ جي رحمت نمازيءَ جي طرف متوجھ رهندي آهي جيسيتائين اهو هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسي، جڏهن هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو آهي ته الله پاڪ جي رحمت به ان کان ڦري ويندي آهي.“ (ابوداؤد جلد 1 ص 344، حديث: 909)

دورانِ نماز وڇونءَ 40 ڏنگ هنيا

حضرت عبدُالله بن مُبارَڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ننڍپڻ ۾ ڏٺل هڪ عبادت گذار خاتون مون کي چڱي طرح ياد آهي. نماز جي حالت ۾ وڇونءَ ان کي چاليهه (40) ڏنگ هنيا پر ان جي حالت ۾ ٿورو به فرق نه آيو. جڏهن اها نماز کان فارغ ٿي ته مون چيو: امان! هن وڇونءَ کي اوهان هٽايو ڇو نه؟ جواب ڏنائين: صاحبزاده! اڃان تون ٻار آهين، اهو ڪيئن مناسب هو! مان ته پنهنجي رب جي ڪم ۾ مصروف هُيَس، پنهنجو ڪم ڪيئن ڪريان هان؟ (ڪشف المحجوب،ص332)ڌ

       سُبْحٰنَ اللہ!  ڪهڙي نه نرالي سوچ آهي...!! ٻانهو جڏهن ربّ جي حضور ۾ حاضر ٿي ويو، ان جي عبادت ۾ مصروف ٿي ويو، هاڻي ان کي هي زيب نٿو ڏي ته پنهنجون نگاهون هيڏانهن هوڏانهن کڻي، اکين جي ڪنارن سان هيڏانهن هوڏانهن