Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ دل جي سختي جي شڪايت ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ”جيڪڏهن چاهين ٿو ته تنهنجي دل نرم ٿئي ته مسڪينن کي کاڌو کاراءِ ۽ يتيمن جي مٿي تي هٿ ڦير.“

 (شعب الايمان جلد2ص472، حديث11034)

دل جي سختي ڪيئن دور ٿي؟

اُمُّ المؤمنين حضرت عائشہ صديقہ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا سان هڪ خاتون دل جي سختي جي شڪايت ڪئي ته پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا ارشاد فرمايو:”موت کي ڪثرت سان ياد ڪندي ڪر تنهنجي دل نرم ٿي ويندي.“ جڏهن ان عورت ائين ڪيو ته ان جي دل نرم ٿئي وئي. پوءِ ان اُمُّ المؤمنين حضرت عائشہ صديقہ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جو شڪريو ادا ڪيو.

 (الروض الفائق ص23)

الله جي ويجھو سج کان وڌيڪ روشن چهرو ڪنهن جو هوندو؟

هڪ حديثِ قدسيءَ ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: مان هر نمازي جي نماز قبول ناهيان ڪندو بلڪ مان ان جي نماز قبول ڪندو آهيان * جيڪو منهنجي عظمت جي خاطر عاجزي اختيار ڪري، * منهنجي پاران حرام ڪيل شين کان پنهنجي خواهشن کي روڪي رکي، * منهنجي نافرماني تي اصرار نه ڪري، *  بکايل کي کاڌو کارائي، * بي لباس کي لباس پارائي، * مصيبت زده تي رحم ڪري، مسافر کي رهائش ڏئي ۽ * اهو سڀ ڪجھ منهنجي رضا لاءِ ڪري. مونکي پنهنجي عزّت ۽ جلال جو قسم! * ان جي چهري جو نور منهنجي ويجھو سج جي نور کان وڌيڪ روشن ٿيندو، * ان کان علاوه مان ان جي جهالت کي بردباري ۽ نرمي ۽ ان جي اونداهي کي روشني بڻائي ڇڏيندس، اهو مونکي پڪاريندو مان ان کي لَبَّيڪ چوندس، مونکان سوال ڪندو ان کي عطا ڪندس، منهنجي قسم کڻندو مان ان جي قسم پوري ڪندس پڻ ان کي پنهنجو قرب عطا ڪري ان جي نگهباني ڪندس ۽ پنهنجي ملائڪن جي ذريعي ان جي حفاظت ڪرائيندس. (ڪنزالعمال جلد7ص214،حديث:02010)