Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

ادا ڪيو ۽ (25) نماز ۾ جيڪو ڪجهه پڙهندا آهيو ان جي معنٰي تي نظر رکو (26) نماز جا فرض، واجبات، سُنَّتون ۽ مُسۡتَحَبّ سٺي طرح ادا ڪيو (27) جَلۡدي جَلۡدي نه بلڪ اطمينان سان نماز پڙهو.

خشوع اے خدا! تو نمازوں میں دیدے

اجابت کرم سے دعاؤں میں دیدے

الله پاڪ اسان کي پنج ئي نمازون، پابندي سان باجماعت مسجد ۾، ظاهري باطني اَداب جو لحاظ رکندي پڙهندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

اميراهلسنت جي 4 ڪتابن جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن هر عاقل بالغ مسلمان مرد ۽ عورت تي نماز فرض آهي، تيئن ئي ان جا ضروري احڪام سکڻ به ضروري آهن، امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذات ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، اميراهلسنت هر سطح جي فرد کي ذهن ۾ رکندي آسان انداز ۾ نماز جي فضائل ۽ احڪام جي متعلق 4 ڪتاب تحرير فرمايا آهن.

(1): فيضانِ نماز: هي ڪتاب تقريبًا 600 صفحن تي مشتمل آهي. نماز جي محبت ۽ ان جي آداب جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو نهايت مفيد آهي. هن ڪتاب ۾ نماز پڙهڻ جا ثواب، پنجن نمازن جا فضائل، جماعت سان نماز پڙهڻ جا فضائل، مسجد جا فضائل، سجدي جا فضائل، وغيره بيان ڪيا ويا آهن.

(2): نماز جو طريقو: تقريبًا 120 صفحن تي مشتمل هي رسالو هر عمر جي ماڻهن لاءِ مفيد آهي، هن ۾ حنفي نماز جو مڪمل طريقو بيان ڪيل آهي، پڻ نماز جا فرائض و واجبات، سنتون ۽ آداب، مڪروهات و مستحبات کي بيان ڪيو ويو آهي، هن رسالي جي مطالعي سان نماز جي احڪامن جي ڪافي ڄاڻ ملي ويندي آهي.