Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

دنيا کان توجھ هٽيل هجي ۽ نماز ۾ دل لڳل هجي. ۽ ظاهري عضوئن جو عمل يعني سڪون سان بيٺو رهي، هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسي، پنهنجي جسم ۽ ڪپڙن سان نه کيڏي ۽ ڪو فضول و بيڪار ڪم نه ڪري.

 (ماخوذ از تفسيرڪبير، ج8،ص،259، مدارڪ،ص751، صاوي،ج4،ص1356)

نماز ۾ خشوع مستحب آهي

علامه بدر الدين عيني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: نماز ۾ خشوع مستحب آهي. (عمدة القاري،ج4،ص391،تحت الحديث741) منهنجا آقا اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: نماز جو ڪمال، نماز جو نور، نماز جي خوبي فهم ۽ سوچ ويچار ۽ حضورِ قلب (يعني خشوع) تي آهي. (فتاوي رضويه،ج6،ص205) مطلب اهو ته اعلي درجي جي نماز اها آهي جيڪا خشوع سان ادا ڪئي وڃي.

خشوع سان نماز پڙهڻ گناهن جو ڪفارو

اَمير المؤمنين حضرت عثمان ابن عفان رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيان ڪن ٿا: مون الله پاڪ جي پياري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهو فرمائيندي ٻڌو ته جنهن مسلمان تي فرض نماز جو وقت اچي ۽ اهو چڱي طرح وضو ڪري خشوع سان نماز پڙهي ۽ صحيح طريقي سان رڪوع ڪري ته اها نماز ان جي اڳوڻن گناهن جو ڪفارو ٿي ويندي آهي جيسيتائين اهو ڪو ڪبيره گناهه نه ڪري ۽ هي (يعني گناهن جي معافي جو سلسلو) هميشه ئي هوندو آهي. (ڪنهن زماني سان خاص نه آهي.)

 (مسلم،ص116،حديث543)

رڪوع مان مراد هتي پوري نماز آهي

علامه عبد الرؤف مُناوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان لکن ٿا: رڪوع مان مراد نماز جا تمام ارڪان آهن يعني هو نماز جا سمورا رڪن سٺي طرح ۽ خشوع سان ادا ڪري ۽ سڀ رڪن چڱي طرح ادا ڪرڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته هر رڪن پوري طريقي تي (سنتن وغيره جو لحاظ ڪندي) ادا ڪيو وڃي. (وڌيڪ فرمائن ٿا:) نماز صغيره (يعني ننڍن) گناهن لاءِ ڪفارو ٿيندي