Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

(3) اخلاص سان نماز پڙهو!

جو نماز جي لاءِ سڀني کان بنيادي شرط اخلاص آهي. لهٰذا هر طرح جي نماز   چاهي فرض هجي يا نفل، صرف ۽ صرف الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جي لاءِ پڙهي وڃي، ٻين کي ڏيکارڻ جي لاءِ رياڪاراڻه نماز نه پڙهي وڃي.

ربُّ العالمين جي توهين ڪرڻ وارو

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جنهن ماڻهن جي اڳيان چڱي طرح ۽ اڪيلائيءَ ۾ بري طريقي سان نماز ادا ڪئي، بيشڪ ان پنهنجي رب ڪريم جي توهين ڪئي. (مسند ابو يعليٰ جلد4ص380،حديث:5095) هتي توهين مان مراد بارگاھِ اِلاهي ۾ ادب جي گھٽتائي آهي، ڪفريه توهين مراد ناهي.

30 سالن جون نمازون ٻيهر پڙهيون

 هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 30 سالن تائين مسجد جي پهرين صف ۾ (باجماعت ) نماز ادا فرمائيندا رهيا، هڪ ڀيري ان کي پهرين صف ۾ جڳهه نه ملي ۽ ٻي صف ۾ بيهي رهيا ته شرم سار ٿيڻ لڳا ته ماڻهو ڇا چوندا ته ڏسو! اڄ هن ماڻهوءَ جي پهرين صف رهجي وئي آهي. اهو خيال ايندي ئي اهي سنڀلجي ويا ۽ پنهنجي نفس کي چيو:” اي نفس! مان 30 سالن تائين جيڪي نمازون پهرين صف ۾ ادا ڪندو رهيس ڇا اهي ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ هيون جو اڄ توکي شرم اچي رهيو آهي!“پوءِ انهن اڳوڻيون 30 سالن جون نمازون دهرايون (يعني ٻيهر ادا ڪيون) ۽ ڪمالِ صدۡق (يعني پوري سچائي) ۽ اِخلاص جو نادر مثال قائم فرمايو. (اِحياءُالعلوم ج2ص302)

الله اڪبر! اسان  جي بُزرگن جي اخلاص جو جذبو صد ڪروڙ مرحبا! فقط هڪ دلي خيال جي سبب  30 سالن جون نمازون ٻيهر دهرايون، افسوس! اسان غافلن جي حالت هي آهي ته پهريان ته دل جي کيتي عبادت جي جذبي جي ٻج کان خالي ۽ جيئن تيئن ڪري عبادت ڪري به وٺو ته اخلاص جي پاڻي جي