Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

خدا جي پناھ! خدا جي پناھ....! اي پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته فرمايو! اسان جي نماز، اها عظيم الشان عبادت جنهن اسان جي ڪردار کي سنوارڻو هو، جنهن اسان کي گناهن جي گندگي کان پاڪ ڪرڻو هو، جنهن اسان کي برائي ۽ بي حيائي کان بچائڻو هو، جڏهن اها نماز ئي اسان جي ضايع ٿيڻ جي دعائون ڪري رهي هوندي ته ٻڌايو! پوءِ اسان کي ڇا ملندو...؟ اسان سڌري ڪيئن سگهنداسون؟ اسان جا حالات ڪيئن سنورجندا؟ روزي ۾ برڪت ڪٿان کان ايندي؟ بيمارين کان حفاظت ڪهڙي طرح ٿيندي..؟ هي ته دنيا جي ڳالھ آهي، اهڙيون نمازو کڻي اسان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪيئن حاضر ٿي سگهنداسون....؟

انهيءَ ڪري منهنجا پيارا اسلامي ڀائرو! نماز اهم ترين عبادت آهي، ان لاءِ باقاعده وقت ڪڍو! نماز پوري ترتيب سان پڙهو! پوري اطمينان سان، سنتن ۽ مستحبات جو خيال رکندي وضو ڪيو! پوءِ نهايت سليقي سان، وقار سان، دل ۾ عاجزي سان، زهي نصيب! خوفِ خدا کان ڏڪندي مسجد اچي ڪري صف ۾ بيهي رهو! پوءِ ڏسو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪجھ ئي ڏينهن ۾ دل جي مير صاف ٿيڻ شروع ٿي ويندي، دل ۾ نور ڀرجڻ شروع ٿيندو، پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اهي برڪتون نصيب ٿينديون جو دنيا ۽ آخرت سنورجي ويندي.

اطمينان سان نماز پڙهڻ جي فضيلت

حديث پاڪ ٻڌو! حضرت عُباده بن صَامِت رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته نبي رحمت، شفيع امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: جيڪو شخص سٺي طرح وضو ڪري پوءِ نماز لاءِ بيهي، ان جي رڪوع، سجدن ۽ قراءت کي مڪمل ڪري ته نماز چوندي آهي: ”الله پاڪ تنهنجي حفاظت ڪري جهڙي طرح تو منهنجي حفاظت ڪئي.“ پوءِ ان نماز کي آسمان جي طرف وٺي وڃبو آهي ۽ ان لاءِ چمڪ ۽ نور هوندو آهي، پوءِ ان لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن ايسيتائين جو ان کي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ۽ اها نماز ان نمازي جي شفاعت ڪندي آهي. (شعب الايمان، ج. 3، ص. 143، حديث 3140)