Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

پڙهو! پوري اهتمام سان پڙهو! ربّ جي محبت دل ۾ سجائي ڪري، الله پاڪ  ڏسي رهيو آهي، هي تصور ڄمائي ڪري پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽  آخرت ٻئي سنورجي ويندا.

(2) نماز پوري تَوَجّھ سان پڙهو

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جو ٻيو اَدب هي آهي ته نماز پوري توجھ سان پڙهي وڃي. مثال طور جڏهن اسان وُضو ڪري رهيا هجون ته دل ۾ عاجزي هجي، زبان سان وضو جون دعائون پڙهندا وڃو، پوءِ جڏهن نماز شروع ڪئي، الله اڪبر چئو ته ڌيان الله پاڪ جي طرف رهي، انهي طرح جيڪو ڪجھ اسان نماز ۾ پڙهندا آهيون، مثلاً * سورت فاتحه * ان کان پوءِ جيڪا سورت پڙهڻي آهي * پوءِ رڪوع جون تسبيحون * سجدي جون تسبيحون * اَلتَّحِیَّات * درود پاڪ ۽ * آخر جي دعا، سڀ ڪجھ ترجمي سان ياد ڪري ڇڏيو، پوءِ نماز ۾ ان جي ترجمي تي نظر رکندي تَوجھ سان نماز پڙهندا وڃو، ايئن ئي قيام جي حالت ۾ نظر سجدي جي جڳھ تي هجي، رڪوع ۾ نظر پيرن جي پٺي تي هجي، قومه ۾(يعني جڏهن رڪوع کان اٿندا آهيون، ان وقت) نظر سيني تي هجي، سجدي ۾ وڃي ڪري نظر نڪ جي طرف هجي، اَلتَّحِیَّات ۾ ويهو ته نظر جهولي ۾ رکو، ايئن پوري اطمينان سان پوري توجھ سان نماز پڙهو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! لُطف به ايندو ۽ نماز جي نورانيت به نصيب ٿيندي.

جنت واجب ٿي ويندي آهي

حضرت عُقبَه بن عامِر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  بيان ڪن ٿا: مون الله پاڪ جي پياري حبيب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو ته پاڻ بيهي ڪري ماڻهن کي هي ارشاد فرمائي رهيا هئا: جيڪو مسلمان چڱي نموني وضو ڪري پوءِ ظاهر ۽ باطن جي دلجمعي سان 2 رڪعتون ادا ڪري ته ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي. (مسلم ص۱۱۸حدیث۵۵۳)