Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

عظيم پنهنجي هن ارشاد ۾ بلڪل سچ فرمايو):

اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ نماز بي حيائي ۽ بري ڳالهه کان روڪي ٿي

(پ 21، العنڪبوت 45)(نزہۃ المجالس، ج۔ ۱، ص۔ ۱۴۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي نماز جي برڪتن جا طلبگارؤ! ڏٺو اوهان؟ نماز جي برڪت سان هڪ ”مجازي عاشق“ سڌي واٽ تي اچي ويو ۽ اُن جي دل ۾ مالڪِ حقيقي جو عشق ڇوليون هڻڻ لڳو ۽ ان کي دلي سڪون ملي ويو. ۽ واقعي الله پاڪ ۽ اُن جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت ئي اهڙي آهي جو جنهن خوش نصيب کي نصيب ٿي وڃي اهو ٻئي ڪنهن سان دل لڳائي ئي نٿو سگهي.

محبت میں اپنی گما یا الٰہی       نہ پاؤں میں اپنا پتا یا الٰہی

 رہوں مست و بے خد میں تیری ولا میں         پلا  جام  ایسا  پلا  یا الٰہی

(وسائل بخشش (مرمم) ص۔ ۱۰۵)

 نماز  جون برڪتون

 پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! نماز نهايت بابرڪت عبادت آهي* الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جو سبب نماز آهي۔ (تنبيه الغافلين ص150) * مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين جي ٿڌاڻ نماز آهي۔ (سنن ڪبريٰ للنسائي جلد5 ص280،حديث:8888) * انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي سنت نماز آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز اونداهي قبر جو ڏيئو آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز عذابِ قبر کان بچائيندي آهي. (الزواجر جلد1ص295) * نماز قيامت جي تپش کان ڇانوَ آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز پل صراط جي لاءِ آساني آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز نور آهي. (مسلم شريف ص115،حديث:534) * نماز جنت