Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

قرآن  پاڪ  جي تلاوت ڪرڻ سنّت آهي

 2 فرامينِ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1) منهنجي اُمَّت جي افضل عبادت تلاوتِ قرآن آهي[1] (2): جيڪو رات جو 200 آيتون تلاوت ڪري، ان جو نالو عبادت گذارن ۾ لکيو ويندو ۽ جيڪو 400 آيتن جي تلاوت ڪري، ان جي لاءِ هڪ قِنۡطار اَجۡر لکيو ويندو، هڪ قنطار 120 قيراط جي برابر آهي ۽ هڪ قيراط اُحُد جبل جيترو آهي. [2]

 اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ سُنَّت آهي. اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪثرت سان قرآن ڪريم جي تلاوت فرمائيندا هئا. * حضرت عائشه صديقه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿيون: ڪا شيءِ پاڻ سڳورن کي تلاوت کان نه روڪيندي هئي * پاڻ سڳورا رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن پوري سورة بقره ۽ سوره آل عمران جي تلاوت فرمائيندا هئا *روزانو رات جو سوره سجده، سوره ملڪ، سوره بني اسرائيل، سوره زُمَر، سوره ڪافرون، سُوره فلق ۽ سوره ناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا. * الله پاڪ اسان کي به خوب تلاوت قرآن پاڪ جي توفيق عطا فرمائي.

الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا

شَرَف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت کا

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 100 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔


 

 



[1] شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004۔

[2] شُعَبُ الاِیْمَان، جلد:2، صفحہ:401، حدیث:2197۔