Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

آھي، ڪبيره (يعني وڏن) گناهن لاءِ نه، ڇو ته ڪبيره گناهه نماز سان معاف ناهن ٿيندا (ڪبيره گناهن جي معافي جي لاءِ توبهه ۽ ان جا تقاضا پورا ڪرڻا پوندا)

(التيسير،ج2،ص358)

خشُوع واري نماز غم پري ڪري ڇڏيندي آهي

دعوتِ اسلامي جي مڪتبة المدينه جي 103 صفحن جي ڪتاب ”راهِ علم“ جي صفحي 87 تي آهي: نماز خشوع و خضوع سان ادا ڪرڻ ۽ علمِ دين حاصل ڪرڻ ۾ لڳل رهڻ فڪر ۽ غم کي دور ڪري ڇڏيندو آهي. (راهِ علم)

روزي ۾ برڪت جو مضبوط ذريعو

انهي ”راهِ علم“ جي صفحي 92 تي آهي: رزق جي وسعت جو قوي يعني روزي ۾ برڪت جو مضبوط ترين ذريعو اهو آهي ته انسان نماز کي خشوع و خضوع، تعديلِ ارڪان (يعني نماز جا رڪن، آهستي آهستي ادا ڪرڻ) جو لحاظ ڪندي ۽ تمام واجبات ۽ سُنّتن ۽ آداب جي پوري طرح رعايت ڪندي ادا ڪري. (راهِ علم)

باھَ لڳي وئي پر نماز ۾ مشغول رهيا!

تابعي بزرگ حضرت سيدنا مُسۡلِم بِن يَسار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ايتري قدر توجھ سان نماز پڙهندا ها جو پنهنجي آس پاس(چوڌاري) جي ڪجهه به خبر نه هوندي هئي. هڪ ڀيري نماز ۾ مشغول هئا ته اوچتو سندن ويجهو باهه لڳي وئي پر کين کي احساس تائين نه ٿيو ايسيتائين جو باهه وسائي وئي. (الله ولوں کی باتیں،ج2،ص447)

چار مختصر حڪايتون

حڪايت(1): امُّ المؤمنين حضرت سيدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان سان ۽ اسان سندن سان گفتگو ڪري رهيا هوندا هئاسين پر جڏهن نماز جو وقت ٿيندو هو ته (اسان ايئن ٿي ويندا هئاسين) ڄڻ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه اسان کي سڃاڻيندا ھجن ۽ نه اسان سندن کي سڃاڻينداهجون.(احياءُ العلوم،ج1،ص205) حڪايت(2):امير المؤمنين حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ نماز ۾ ائين هوندا هئا ڄڻ زمين ۾ لڳل ڪِلّو آهن. حڪايت(3):