Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

(2) رَبِّ اجْعَلْنِیْ لَکَ شَکَّارًا، لَکَ ذَکَّارًا، لَکَ رَھَّابًا، لَکَ مِطْوَاعًا، لَکَ مُخْبِتًا،اِلَیْکَ اَوَّاھًا مُّنِیْبًا([1])

ترجمو: اي منهنجا ربَّ! مونکي تنهنجو گهڻو شڪر گذار، تنهنجو ڪثرت سان ذڪر ڪندڙ، توکان گهڻو ڊڄندڙ، تنهنجو نهايت فرمانبردار، تنهنجي لاءِ خشوع اختيار ڪندڙ، تنهنجي بارگاھ ۾ گهڻي زارِي ڪندڙ ۽ رجوع ڪندڙ بڻاءِ.

(3) اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اَعُوْذُ بِکَ مِنْ عِلْمٍ لَّا یَنْفَعُ، وَمِنْ قلْبٍ لَّا یَخْشَعُ، وَمِنْ نَفْسٍ لَّا تَشْبَعُ، وَمِنْ دَعْوَۃٍ لَّا یُسْتَجَابُ لَھَا([2])

ترجمو: اي الله! مان تنهنجي پناھ وٺان ٿو ان علم کان جيڪو فائدو نه ڏئي، ان دل کان جيڪا خشوع اختيار نه ڪري، ان نفس کان جيڪو سير نه ٿئي، ان دعا کان جيڪا قبول نه ٿئي.

(4) اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اَعُوْذُ بِکَ مِنْ صَلَاۃٍ لَّا تَنْفَعُ([3])

اي الله! مان تنهنجي پناھ وٺان ٿو ان نماز کان جيڪا فائدو نه ڏئي.

گناھ خشوع جي راھ ۾ تمام وڏي رڪاوٽ آهي

امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ لکن ٿا: جيڪڏهن اوهان خشوع ۽ خضوع سان نمازون پڙهڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهريان گناهن کان بچو، گناھ خشوع جي راھ ۾ تمام وڏي رڪاوٽ آهي، گناھ تي قائم رهندي خشوع حاصل نٿو ٿئي سگهي.

دلين کي نرم ڪرڻ وارا ڪم

جيڪڏهن دل ۾ نرمي ۽ خشوع پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا * ته نيڪين جي ڪثرت ڪريو ۽ * هڪ عظيم الشان نيڪي تلاوتِ قرآن به آهي. تلاوت جي ڪري دل نرم ٿيندي آهي، * پڻ ماڻهن سان ڀلائي ڪرڻ به دل جي نرمي جو باعث آهي.


 

 



[1]  (ترمذي شريف جلد5ص323،حديث:3562،مختصراً)

[2]  (مسلم شريف ص1118،حديث:6906)

[3]  (ابوداود،جلد2ص131،حديث:1549)