Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

* رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

ڪوڙ مان نماڙ پڙهڻ  وارا ڌاڙيل

چيو وڃي ٿو: هڪ دفعو ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو ڪنهن مالدار ماڻهو جي گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ جي ارادي سان گهڙي پيو، اوچتو مالدار ماڻهو جاڳي پيو، اهو شور ڪرڻ لڳو ته پاڙي وارا جاڳي پيا ۽ ڌاڙيل ڊپ کان ڀڄڻ لڳا، پاڙي وارن انهن جو پيڇو ڪيو، پر ڌاڙيل اڳيان اڳيان ڀڄي رهيا هئا. ۽ پويان پويان ماڻهو اچي رهيا هئا. رستي ۾ ڌاڙيلن کي هڪ مسجد نظر آئي، اهي جلدي مان مسجد ۾ گهڙي پيا، ۽ ڪوڙ مان نماز پڙهڻ لڳا! ماڻهو به انهن کي تلاش ڪندي مسجد تائين آيا، ڏٺائون ته ڪجھ ماڻهو نماز ۾ مصروف آهن، هنن کان علاوه مسجد ۾ ڪوبه ناهي، چوڻ لڳا ته افسوس! ڌاڙيل اسان کان ڪجھ اڳتي نڪري ويا. ته پوءِ اهي ماڻهو ناڪام ٿي موٽي ويا. اهو ڏسي ڌاڙيلن جي سردار پنهنجي ساٿين کي چيو: جيڪڏهن اڄ اسان ڪوڙ مان نماز جي صورت نه بڻايون ها ته ضرور پڪڙيا وڃون ها، رڳو ڪوڙ ۾ نماز جي صورت اختيار ڪرڻ جي اها برڪت آهي جو اسان ذلت ۽ رسوائي کان بچي وياسون، جيڪڏهن اسان حقيقت ۾ نماز صحيح طور تي اپنائي وٺون ته اللهُ رَبُّ الۡعِزّت اسان کي دوزخ جي مصيبت کان به بچائي وٺندو، انڪري مان ته اڄ کان وٺي ڦُر لٽ کان توبه ڪريان ٿو ۽ الله پاڪ جي نافرماني جي عادت ڇڏيان ٿو. ان جا ساٿي چوڻ لڳا: اي اسان جا سردار! جڏهن تو توبه ڪري ورتي آهي ته پوءِ اسان به ڇو پوئتي رهون! اسان به توسان گڏ توبه ۾ شريڪ آهيون. اهڙي نموني سڀني ڌاڙيلن سچي دل سان توبه ڪئي، ۽ انهن جو شمار پرهيزگارن ۾ ٿيڻ لڳو. (فیضانِ نماز، ص:۴۸)